ڀارت ۾ اسلامو فوبيا: بلاول جو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوالي سان گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيزي سان سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.