اشرافيه کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۾ شرمناڪ تماشو هلي رهيو آهي. حڪمران  پارٽين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو خاتمو خطرناڪ ثابت ٿيندو. مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن عوام کي دٻائي ڇڏيو آهي.ظالم اشرافيه کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي مهانگائي سبب عوام جو ساهه کڻڻ مشڪل ٿي ويو آهي. مزدور، هاري لٽجي ويا، تعليم غريب جي ٻار جي پهچ کان ٻاهر، عام ماڻهوءَ جو علاج ڪرائڻ ناممڪن بڻجي ويو، ڏکئي وقت ۾ حڪمران پارٽيون مسلسل گالم گلوچ جي سياست کي فروغ ڏئي رهيون آهن. ٽئي وڏيون سياسي پارٽيون پنهنجي رويي کي درست ڪرڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ بدران پنهنجن مفادن لاءِ جنگ وڙهي رهيون آهن. قوم هاڻي انهن حڪمرانن کان بيزار ٿي چڪي آهي . بحران مان نڪرڻ جو واحد رستو اسلامي انقلاب آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.