سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ صحافين جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ جي اجلاس دوران صحافين ڊان نيوز جي صحافي اختر عباس جي ڀاءُ جي ڪروڙ لعل عيسين ۾ قتل، ڪجهه  صحافين جي خلاف ڪيس ۽ اسلام آباد جي عورت صحافي کان پرس ۽ موبائيل فون کسڻ جي خلاف پريس گئلري مان واڪ آئوٽ ڪيو هوڏانهن  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته صحافين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي ذميداري آهي، صحافين تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اسپيڪر اها ڳالهه اربع ڏينهن پريس گئلري مان صحافين جي واڪ آئوٽ کانپوءِ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پاران صحافين سان ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهي حاصل ڪرڻ کانپوءِ چئي. مرتضيٰ جاويد عباسي ايوان کي ٻڌايو ته صحافين جرنلسٽس پروٽيڪشن بل لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي، دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ميڊيا جي آزادي ڪنهن به جمهوري معاشري جو بنيادي جزو آهي، اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته پاڪستان جو نالو انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي صحافين جي زندگين ۽ جان ۽ مال کي خطرا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.