ڪراچي ۾ پوليس ڪارروايون، 10 جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي ۾ سي آءِ اي ۽ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي اهلڪارن مين يونيورسٽي روڊ تي ڪارروائي ڪري  قتل، پوليس مقابلن، بينڪن ۽ اي ٽي ايمز تان ماڻهن کان ڦر لٽ ڪندڙ ڏوهارين جي خطرناڪ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيلن ۾ جنسار علي پٽ رحيم بخش، ذوالفقار پٽ بخش علي جلباڻي، عمير پٽ يار محمد ۽ صادق پٽ نواب خان شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ دوران جوابدارن ڪيتريون ئي وارداتون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. هوڏانهن  اتحاد ٽائون ٿاڻي جي پوليس پڪوڙا چوڪ واري علائقي مان مقابلي بعد ٻن ڦورن معروف پٽ عمر بخش ۽ حمزه  پٽ افضل کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان ٻه عدد لوڊ پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي فقير ڪالوني واري علائقي مان هڪ شهريءَ کان هٿيار جي زور تي ڦر لٽ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جوابدارن کي شهرين پڪڙي ورتو ۽ مٿن سخت تشدد ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. زمان ٽائون ٿاڻي جي پوليس ڪورنگي واري علائقي مان مقابلي بعد ٻن ڦورن کي گرفتار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.