سڪرنڊ لڳ گهر کي لکين رپين جو ڌاڙو، متاثر جو احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ شھر جي اصغر ڪالوني مان گرلس ڊگري ڪاليج جي رٽائرڊ سپريڊنٽ انور مغيري جي گھر ۾ نامعلوم چور داخل ٿي  گھر جي ڪمرن جا تالا ڀڃي گھر ۾ لکين روپين جا سونا زيور ۔ روڪ رقم ۔ ڪپڙا ۔ موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ۔ گھرڀاتي رٽائرڊ ملازم انور مغيري ميڊيا کي ٻڌايو ته گزريل دير سان منھنجي گھر ۾ نامعلوم چور داخل ٿي گھر ۾ پيل لکين روپين جا سونا زيور۔ قيمتي ڪپڙا۔ روڪ رقم ۔ موبائل فون سميت لکين روپين جو جو سامان چوري ٿي ويو آھي مون اھڙي رپورٽ پڻ سڪرنڊ ٿاڻي داخل ڪرائي آھي ۔ ھن وسوارن کي اپيل ڪئي ته آئون مسڪين آھيان مون چوري واپس ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.