سجاول ۾ پوليس کي عورت ٻار سميت هٿ، لاڙڪاڻي ايڌي حوالي

لاڙڪاڻو( ڊ ر) قمبر شھداد ڪوٽ ضلعي جي تعلقي سجاول پوليس لاوارث عورت کي هڪ سال جي ٻارڙي سميت هٿ ڪري وارثن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، وارثن جو ڏس پتو نه پوڻ تي عورت ۽ ٻارڙي کي ايڌهي سينٽر ڪراچي حوالي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سجاول پوليس جو چوڻ هو ته سجاول شھر ۾ هٿ آيل لاوارث عورت جي سڃاڻپ شھزادي ۽ هڪ سال جي ڌي دعا طور ٿي آھي جنهن جي وارثن جي گهڻي ڳولا باوجود هٿ نه اچڻ تي عورت ۽ ٻارڙي کي ضروري ڪاروائي بعد ايڌهي سينٽر حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ٻئي طرف ايڌهي رضاڪارن جو چوڻ ھو ته ٻارڙي ۽ عورت جا وارث نه ملڻ تي سندن ڪراچي ايڌي سينٽر تي منتقل ڪيو آھي، ايڌهي انتظاميه جو چوڻ ھو ته عورت پنهنجي ڳوٺ جو نالو رحمت الھ پنجابي ٻڌائي رهي هئي جيڪو لاڙڪاڻي يا ڀر پاسي ۾ اهڙي ڳوٺ جي نشاندهي نه ٿيڻ ڪري ڪراچي سينٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.