ميهڙ۾ڳوٺاڻي جو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

ميھڙ  (ن ع آ) ڳوٺ نئون ٺاري تعلقي ميرو خان جو رهواسي پورھيت فداحسين منڱريو پاڪ ڪتاب کڻي نيشنل پريس ڪلب ميهڙ پهچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته گذريل ڏينھن ميھڙ باء باس ڀرسان ٻه نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي مون مسڪين پورھيت کان ھاء اسپيڊ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن مون پوليس کي به اطلاع ڪيو آھي.  پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪري ھن چيو ته مان مسڪين پورھيت مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي پورھيو ڪري پنھنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪندو آھيان ڦورن مون مسڪين سان ظلم ڪيو آھي ھن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون غريب جي موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي ته جئين مان پنهنجي گهر وارن جو گذر سفر ڪري سگھان

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.