ماٿيلي واسي اهلڪار جي زال، 6 ڌيئرن سميت پوليس آفيسر وٽ قيد، احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ نوڪري ڪندڙ سپاھي ڊرائيور طارق حسين وسير گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته بن قاسم ٿاڻي تي ايڊيشنل ايس ايڇ او مقرر ٿيل سب انسپيڪٽر الله ڏنو عرف اي ڊي ويسر پاران  سندس زال مائي حليمه ۽  سندس ڇھن نياڻين سميرا ، مھڪ ، سوني، ڪشي، سويرا ۽ ايئا وسير کي ڇھن مھينن کان يرغمال بڻائي کين قيد ڪيون ويٺو آھي کين ملڻ ئي نه ٿو ڏنو وڃي. سپاھي طارق وسير وڌيڪ ٻڌايو ته سب انسپيڪٽر الھڏنو ويسر ڪرمنل قسم جو ماڻھو آھي، ڪراچي مان موٽرسائيڪل چورين ۽ ڪيبل چورين سميت مختلف ڏوھن ۾ ملوث آھي.ھن چيو ته ھڪ سال اڳ شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس حسن پنھور ڳوٺ ۾ سندس جڳھ تي ڇاپو ھڻي وڏي مقدار ۾ چرس ھٿ ڪيو ھو. جڏھن ته سال 2012 ۾ گھوٽڪي ضلعي ۾ سندس پوسٽنگ دوران ڏوھي ڪارواين جي ڪري ڊي آء جي سکر امير شيخ کيس نوڪري مان برطرف ڪري اشتھاري قرار ڏيئي گرفتاري جا احڪامات ڏنا ھئا. ھن وڌيڪ چيو ته زال ء ڌيئرون واپس گھرڻ تي سب انسپيڪٽر الھڏنو ويسر ۽ سندس ساٿي پوليس آفيسر ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن اڳوڻي آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي درخواستون ڏيڻ باوجود ھيٺيان آفيسر رشوت عيوض سندس ساٿاري بڻجي کيس انصاف ڏيارڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھن. ھن آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کي نوٽيس وٺي زال ۽ ڌيئرون ڄاڻايل سب انسپيڪٽر کان واپس ڏياري ساڻس انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪندي ٻئي صورت ۾ ھن باھ ڏيئي پاڻ کي ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.