سجاول جي سامونڊي پٽي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي اڻلڀ، بيمارين ۾ واڌ، احتجاج

چوھڙجمالي (ن ع آ)پاڻي جي شديد کوٽ سامونڊي پٽي ۾ تباھي برپا ڪري ڇڏي،پيئڻ ۽ جيئن لاءِ لپ پاڻي اڻلڀ ٿي وئي آهي، بيمارين پڻ منھن ڪڍيو آهي، رھواسي پاڻي کوٽ خلاف سراپاءَ احتجاج بڻجي ويا آهن، سجاول جي سامونڊي پٽي جي تعلقي شاھه بندر ۽ کاروڇاڻ جي ٽيل ۾ پاڻي نه ھجڻ ڪري صورتحال انتھائي ڱنڀير بڻجي وئي آھي خاص ڪري کاروڇاڻ جي سامونڊي پٽي جي ڳوٺ جان محمد جت ۽ آسپاس ھزارين رھواسي ڦڙي پاڻي لاءِ تڙپي رھيا آھن سيزنل پاڻي نه ملڻ ڪري ۽ پاڻي جي سخت اڻاٺ آهي، جنهن سبب ڪربلا برپا ٿي وئي آهي جر جو پاڻي کارو ٿيڻ توڙي نھري سسٽم غير فعال ھجڻ سبب ھزارين رھواسين جو جيئڻ توڙي آبي جيوت خطري ھيٺ اچي وئي آھي. ٻئي طرف يوسي جان محمد جت جي اڳوڻي چيئرمين احمد خان جت محمد اسلم جت جي اڳواڻي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي کوٽ خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پاڻي جي کوٽ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. ، آبپاشي عملدارن جي نااھلي چور بازاري  توڙي ٽيل تائين کانٽي نه ٿيڻ ڪري پاڻي جو ھڪ ڦڙو نه پھتو آهي چانورن جي فصل سميت ھن سيزن ۾ ڪو به فصل پوکجي نه سگھيو آھي ۽ علائقي ۾ کڏن کوٻن جو گندو پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري ٻارڙن ۽ عورتن ۾ گيسٽرو، توڙي پيٽ جي بيمارين ۾ اضافو اچي ويو آھي ھنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي آھي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي اسان کي جيئڻ لاءِ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.