حيدرآباد ۾ قانون جي شاگرد اشفاق شر جي قتل جو ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) نسيم نگر پوليس قانون جي شاگرد اشفاق شر جي قتل جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس اهو ڪيس سندس شاگرد اشفاق شر جي ڀاءِ امتياز علي شر جي فرياد تي داخل ڪيو، فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار  ڪيو آهي ته 11 جون تي هن ڀاءُ سان رات جي وقت فون تي ڳالهايو هو ۽ 12 جون تي فون اٽينڊ نه ٿيڻ تي هن پنهنجي ويجهي مائٽ مجيب الرحمان شر کي نسيم مال ۾ قائم سندس فليٽ تي موڪلي خيريت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ، جنهن وڃي فليٽ جو دروازو کڙڪايو، پر در نه کوليو ويو بعد ۾ هن فليٽ ۾ اوطاق واري روم کي ڌڪو ڏيئي اندر ڏٺو ته سندس ڀاءُ اشفاق شر گوڏن ڀر بيڊ تي ويٺل حالت ۾ پيل هو، سندس ڳلي ۾ ڪيبل جي تار ويڙهيل هئي، جيڪا پکي ۾ به لٽڪيل هئي. فريادي موجب سندس ڀاءُ جو ناحق خون ڪري شاهديون به لڪايون ويون آهن، ان لاءِ معاملي جي جاچ ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم نگر پوليس کي شاگرد اشفاق شر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به ميڊيڪوليگل شعبي پاران فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.