امريڪي سفير پاران ڪراچي جو دورو

ڪراچي (پ ر ) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 14 کان 15 جون تائين ڪراچي جو دورو ڪيو ، جنهن جو مقصد آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ لاڳاپا وڌائڻ ۽ واپاري توڙي اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ هو. اُن موقعي تي سفير ڊونلڊ بلوم جون واپاري سربراهن، سيڙپڪارن، آمريڪي بزنس ڪائونس، پاڪستان بزنس ڪائونسل، توانائي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن جي عملدارن سوڌو بزنس رپورٽرز سان پڻ ملاقاتون ٿيون. آمريڪي سفير بلوم پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته “انيڪ صلاحيتن ۽ گوناگونيت سان ڀرپور ڪراچي جو دورو ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي، خواهش آهي ته اهڙن دورن جو سلسلو جاري رهي، ته جيئن آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ واپار، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، صحت ۽ سيڪيورٽي سوڌو ٻين شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ جا موقعا ملن.” آمريڪي سفير بلوم جي ڪراچي واري دوري جو نمايان حصو پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي چيئرپرسن ڊاڪٽر شمشاد اختر، مينيجنگ ڊائريڪٽر فرخ خان ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي فهرست ۾ شامل آمريڪي ڪنپين جي نمائندن سان گڏجي گهنڊ وڄائي تقريب جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ ڳالهائيندي سفير بلوم چيو ته “پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ۽ هن تقريب جو افتتاح ڪرڻ مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.