عورتن جي سماجي ڀلائي حوالي سان مخصوص بجيٽ نه رکڻ تي افسوس آهي

حيدرآباد(رپورٽر) عورت مارچ حيدرآباد، سنڌ جي بجيٽ ۾ عورتن ۽ شاگردياڻي جي سهولت تعليم جي حاصلات ۽ معاشي طور تي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ پيش ڪيل مطالبن کي شامل نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عورت مارچ حيدرآباد جي اڳواڻن امر سنڌو، ڊاڪٽر حسين مسرت شاهه، روبينا چانڊيو ۽ روزينا جوڻيجو پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سال 23-2022 جي بجيٽ ۾ عورتن جي سماجي انصاف، روزگار، تعليم ۽ سماجي حيثيت کي اڳڀرو ڪرڻ لاءِ ڪا مخصوص بجيٽ نه رکڻ تي افسوس آهي. سنڌ جي ٻھراڙي جي ھاري، مزدور توڙي نوڪري پيشا عورتن ۽ شاگردياڻين جي نمائندگي ڪندڙ عورت مارچ حيدرآباد پاران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان سنڌ جي بجٽ ۾ سنڌ جي عورتن کي سماجي انصاف لاءِ مخصوص بجيٽ مختص ڪرڻ جي گھر ڪئي وئي ھئي. پر انتھائي افسوسناڪ جي ڳالھه آهي ته ھن سال جي بجيٽ ۾ عورتن جي سماجي ڀلائي جي حوالي سان ڪا به مخصوص بجيٽ مختص نه ڪئي وئي آھي. هنن وڌيڪ چيو ويو ته قانون سازي جي حوالي سان سنڌ سرڪار انتھائي بھتر ڪم ڪرڻ باوجود عملي طور تي عورتن جي مسئلن جي حل بابت ڪا واضع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي. سنڌ جي عورت کي سماجي طور اڳڀرو ڪرڻ جي جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ معشيت، تعليم توڙي صحت بابت ڪنھن واضع پاليسي جي شديد کوٽ آھي. گذريل چوڏھن سالن ۾ سنڌ اندر عورتن تي وڌندڙ تشدد، ليبر فورس ۾ عورتن جي شموليت، اعلي تعليم حاصل ڪندڙ ٻھراڙي جي ڇوڪرين کي روزگار جي مد ۾ ڪي سھولتون ڏيڻ يا کين اڳڀرو ڪرڻ يا وري اسڪول ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگردياڻين جي ڊراپ آئوٽ ريشو کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪا پاليسي ناهي. عورت مارچ حيدرآباد جي اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير کي اپيل ڪندي چيو آھي ته جاري ٿيل بجيٽ ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ توڙي وومين ڊولپمينٽ ڊيويزن کي جاري ٿيندڙ بجيٽ ۾ مٿين منصوبن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن سماجي انصاف، توڙي روزگار ۽ تعليم جي حوالي سان سنڌ جي عورتن جي بھتري لاءِ عملي قدم کڻي سگھجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.