اوٻاوڙو پوليس نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو، قيد جون تصويرون هٿ

اوٻاوڙو  رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ  ) اوٻاوڙو پوليس جو ڪارنامون پوليس پنھنجي راض کي لڪائي نه سگھي ايس ايڇ او راشد شاھ  20 ڏينھن اڳ گرفتار ڪيل شخص لطيف شر  کي اوٻاوڙو ڀرسان لانگهو پوليس پڪٽ تي ھٿن ۽ پيرن ۾ ڪڙيون ھڻي رشوت نه ملڻ تي بند ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيو اھڙي اطلاع تي عوامي آواز جي ٽيم موقعي تي پھچي ھٿ ڪڙيون لڳل ۽ پير نجير سان ٻڌل حالت ۾ فوٽو ھٿ ڪري ورتا پوليس ۾ ٿرٿلو ٻي ھنڌ منتقل ڪرڻ جون تياريون، ان موقعي تي نوجوان لطيف شر ٻڌايو ته اوٻاوڙو ايس ايڇ او مون کي 20 ڏينھن اڳ ناحق گرفتار ڪري ھٿ ڪڙيون ۽ پيرن ۾ زنجير هڻي غير قانوني طور خفيا ٽاچرسيل ۾ رکي ڇڏيو آهي ۽  مونکي ايس ايڇ او اوٻاوڙو راشد شاھ بيگناهه گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته مون مٿان رات جو سخت تشدد ڪيو ويندو آهي مان غريب آهيان ڏوهاري نه آهيان ۽ هڪ لک رپيا ايس ايڇ او اوٻاوڙو رشوت گهري رهيو آهي مان مسڪين وٽ هڪ روپيو ناهي آهي، آءِ جي سنڌ،  وڏو وزير نوٽيس وٺي  ظالم پوليس آفيسر خلاف ڪاروائي ڪري مون مسڪين کي انصاف ۽ تحفظ فرھم ڪري مون کي پوليس جي خفيا قيد مان بازياب ڪرايو وڃي عوامي آواز جي ٽيم پھچڻ کان پوءِ قيد ڪيل شخص کي ٻي ھنڌ منتقل ڪرڻ جا چوٻول آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.