حيدرآباد ۾ ڪسٽم جي ڪارروائي، ايراني سيرامڪ ٽائلس جا 1400 کان وڌيڪ باڪس هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) وفاقي سرڪار پاران پرڏيهه مان ٽائلس گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ بعد اسمگلر سرگرم بڻجي ويا آهن. ڪسٽم اينٽي اسمگلنگ اسڪوارڊ ڪارروائي ڪري ٽائلن سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. ڪسٽم ڪليڪٽر جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته اها ڪارروائي هاءِ وي باءِ پاس تي ڳجهي اطلاع ملڻ بعد ڪئي وئي. ڪاروائي دوران ٽرالر مان ايراني سيرامڪ ٽائلس جا 1400 کان وڌيڪ باڪس هٿ ڪيا ويا آهن.  ضبط ڪيل پرڏيهي ٽائلس جي ماليت 45 لک رپيا پاڪستاني آهي. ترجمان موجب حيدرآباد ۾ لگزري آئٽمز تي پابندي کانپوءِ اسمگلنگ جون خبرون ملي رهيون آهن، جنهن ڪري ڪسٽم پاران پابندي مڙهيل شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. ٻئي طرف ڪسٽم پاران ڪارروائي دوران هٿ ڪيل ٽرالر کي ٽائلس سميت ڪسٽم ڪليڪٽر هائوس منتقل ڪيو ويو آهي. ڪسٽم پاران ڪارروائي دوران گرفتار ٿيل جوابدارن جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.