مقصودي رند لڳ حادثي جو زخمي نوابشاهه اسپتال ۾ فوت

مقصودو رند(ن ع آ)مقصودي رند لڳ ٻه ڏينھن اڳ سرھاڙي واٽر اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ محمد ھاشم ڏاھري جو رھواسي 45 سالا ارباب علي  اھري زخمي ٿي پيو ھو جيڪو زخمن جا سور نه سھندي نوابشاھ جي ھڪ نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو مرحوم جي فوتگي جي خبر گھر ۾ پوندي ئي ڪھرام مچي ويو ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي جڏھن ته مرحوم جي جنازي نماز۾ سياسي سماجي شخصيتن ۽ برادري جي معززن شرڪت ڪئي ۽ مرحوم  کي سوين آلين اکڙين سان سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻي پاسي نيشنل پريس ڪلب مقصودو رند جي صحافين سرپرست رحيمداد رند ۽ صدر خير محمد رند گھري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.