اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر طرفان نياڻي جو علاج ڪرڻ کان انڪار

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)اسلام ڪوٽ جي رورل هيلٿ سينٽر اسپتال ۾ خاصخيلي برادري سان واسطو رکندڙ شهري فيض محمد خاصخيلي پنهنجي بيمار پنج ورهين جي نياڻي شهزادي  کي علاج لاءِ اسپتال وٺي  ويو،جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر پاران اُهو چئي چيڪ اپ ۽ علاج ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ٻارڙن جو ڊاڪٽر موڪل تي آهي،بيمار نياڻي جو علاج نه ڪرڻ سبب نياڻي جي وارثن ۽ ڊاڪٽر وچ۾ مُنهماري بعد جهيڙو ٿي پيو،مريض جي وارثن پاران ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ڪنور لوهاڻو کي مارڪٽ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو،جنهن جي وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ،جنهن ۾ مريض جا وارث ۽ ڊاڪٽر هڪٻئي کي مارڪٽ ڪندي نظر اچن ٿا،اُنهي سلسلي ۾ بيمار نياڻي جي پيءُ فيض محمد خاصخيلي صحافين کي ٻُڌايو ته اسان نياڻي کي علاج لاءِ اسپتال وٺي وياسين جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ڪنور لوهاڻو نياڻي جو چيڪ اپ ۽ علاج ڪرڻ کان انڪار ڪيو،اسان چيو نياڻي جي حالت خراب آهي علاج ڪيو،جنهن تي ڊاڪٽر ڪنور لوهاڻو جواب ڏيندي اسان سان بدتميزي ڪئي ۽ چيو وڃو ٻارڙن جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو،ڊاڪٽر اسان کي گارگند ڪئي ۽ جهيڙو ڪيو،معاملي بعد ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ پئي سڀني کي ٽاريو ۽ فيصلي ۾ ڊاڪٽر غلط ثابت ٿيو،جنهن تي ڊاڪٽر اسان کان معافي به ورتي، ٻي پاسي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر نهچل داس هيراڻي رابطي تي ٻُڌايو ته ٻارڙن جو ڊاڪٽر موڪل تي ويل هو ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ڪنور لال پاران ٻارڙي جو علاج نه ڪرڻ تان وارثن ۽ ڊاڪٽر وچ ۾ جهيڙو ٿيو،جنهن بعد اسان ٻارڙي جي وارثن ۽ ڊاڪٽر کي گهرائي معاملو حل ڪيو آهي، غلطي ڊاڪٽر جي آهي جنهن کي مريض جو علاج ڪرڻو هو، جواب نه ڏيڻ گُهرجي ها، ٻي پاسي معاملي جو ڊي ايڇ او ٿرپارڪر گريش ڪمار مهشوري پاران نوٽيس ورتو آهي، ايم ايس کان اسپتال ۾ پيش آيل واقعي بابت ٻن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ڊي ايڇ او پاران واقعي جي جاچ لاءِ هيلٿ آفيسر مٺي ڊاڪٽر جئه پرڪاش جي سربراهي ۾ ٽي رُڪني جانچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي،جنهن ۾ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار ۽ ڊاڪٽر نصراللّٰه کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئشن ٿرپارڪر جي صدر ڊاڪٽر حفيظ دل، ڊاڪٽر صاحبڏنو جنجهي، ڊاڪٽر ڀون راءِ روپاڻي، ڊاڪٽر عبدالستار لنجو، ڊاڪٽر ڪيول رام راٺوڙ ۽ ٻين پاران اسلام ڪوٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽر تي ٿيل تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي،اهڙا واقعا روڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.