ڏوڪري ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ڏوڪري  ( ن  ع  آ )  ڏوڪري ڀرسان  منڌرا رائيس ڪئنال ريگيوليٽر تي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن وزير احمد جوڻيجو، ضمير احمد جوڻيجو،  اس يو پي اڳواڻ صابر جروار، خالد حسين جوڻيجو، محمد پيرل ڪلھوڙو، قربان علي ڪلهوڙو، محمد سليم ڪلھوڙو، غلام ياسين ابڙو، ارشاد علي ابڙو، وحيد علي ابڙو سھڻو خان ٻرڙو، نياز علي ٻرڙو نادر علي ٻرڙو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري لاڙڪاڻو آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي آهي.  ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آبپاشي کاتي جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪري رائيس ڪئنال جي مينڌرا باڊھ ريگيوليٽر ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن جي بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ لاڙڪاڻو آبپاشي کاتي عملدارن خلاف وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.