شاھپورچاڪر (ن ع آ) ڳوٺ نورالدين ٽالپر ويجھو 3 نامعلوم چور رائي چند ميگھواڙ جي گھر کي کاٽ هڻي گھر ۾ گھڙي گھر ۾ پيل روڪ رقم سونا زيور چاندي جا زيور ۽ ڏاج جا پيل ڪپڙا چورائي ويا ڳوٺاڻن کوجي ڪتا گھراڻي پيرا کنيا ڪتا ڳوٺ تاج محمد ٽالپر ۾ ھڪ گھر ۾ ويھي رھيا ٻئي طرف ڳوٺ شيخ محمد ڏاھري۾ نامعلوم چور ايوب جي دوڪان جي ڇت متان پيل سولر پليٽ چورائي ويا ۽ پوليس چيڪ پوسٽ پريتم آباد لڳ چور خميسو خان خاصخيلي جي دوڪان جي ڇت تي پيل سولر پليٽ چورائي ويا وڌندڙ چورين سبب عوام جون ننڍون حرام ٿي ويون.