حيدرآباد ۾ شاگرد اشفاق شر ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ عوامي فورم پاران 4 ڏينهن اڳ قاسم آباد ۾ مبينا قتل ٿي ويل قانون جي شاگرد اشفاق شر ڪيس جي شفاف جاچ لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون محمد رمضان، رضا شر، سفير شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شاگرد اشفاق شر واقعو خودڪشي نه پر قتل محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن جي شفاف جاچ جي ضرورت آهي. هنن چيو ته شاگرد اشفاق شر جي وارثن پاران نامعلوم ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي پر چار ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ ڪابه اڳڀرائي ظاهر نه ڪئي آھي. هنن چيو ته جيڪڏهن اشفاق شر واقعي جي شفاف جاچ نه ٿي ته ماضي جي ٻين ڪيسن جيان هي ڪيس به لڙهي ويندو. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي ته اشفاق شر واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي مقتولن جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.