ملير پوليس جي ڪارروائي، 3 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ٿاڻي ميمڻ ڳوٺ پوليس جي ايس ايڇ او عتيق الرحمان جي اڳواڻي ۾ منشيات فروشن خلاف ٻه ڌار ڌار ڪاروائين  ۾ ٽن منشيات فروشن کي گرفتار ڪري وٽان 7 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته ميمڻ ڳوٺ پوليس پهرين ڪاروائي ۾ هڪ منشيات فروش ارشاد عرف اشو ولد رمضان کي گرفتار ڪري وٽان 2 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته جوابدار عادي منشيات فروش آهي جيڪو هن کان اڳ به گرفتار ٿي چڪو آهي، ٻي ڪاروائي ڳجهي اطلاع تي فلڪ ناز ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻن ڄڻن محمد شريف ولد صالح محمد ۽ سندس گهرواري مسمات عزيزان کي گرفتار ڪري وٽان 5 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آهي جيڪي ماضي ۾ به ٿاڻي ملير سٽي ۾ منشيات فروشي ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن،  جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.