مقتول جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، جوابدار گرفتار، اعتراف

ٽنڊوالهيار(ڊ ر)ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ ابراهيم نندو جي گم ٿيندڙ نوجوان شريف نندو جو لاش شهر جي نصير واهه مان ملڻ بعد اي سيڪشن ٿاڻي تي سندس ڀاءُ منير احمد نندو جي فرياد تي جوابدار سڪندر علي عرف سڪو چانڊيو ان جي گهر واري ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو. داخل ڪيل ڪيس ۾ 34_201_302 پي پي سي جا قلم لڳايا ويا آهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي ٻڌايو ته هڪ ڄڻو سڪندر عرف سڪو ۽ هڪ عورت کي گرفتار ڪيو آهي. جڏهن ته جانچ دوران اسان کي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ ڪجهه شيون به مليون آهن سڪندر عرف سڪو جانچ ۾ قتل ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي وڌيڪ جانچ هلي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.