ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي زمان ٽائون پوليس جو مبينا مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ٽيو جوابدار فرار ٿي ويو،ڪورنگي زمان ٽائون ٿاڻي جي حد مڇي موڙ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو جوبدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عباس علي ولد مٺل ۽ غلام حسين ولد لعل بخش جي نالن سان ٿي، فرار ٿيلن جي سڃاڻپ حيدر، اختر ۽ حنيف طور ٿي آهي، گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ 3 ڦر ڪيل موبائيل فون 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون، گرفتار جوابدارن وٽان شروعاتي جاچ دوران ملير ۽ ڪورنگي جي مختلف اعلائقن ۾ وارداتن جو به اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.