مسڻ وڏي (ن ع آ) مسڻ وڏي لڳ ڳوٺ خان محمد مري ۾ به چوپائي مال ۾ لمپي اسڪن يا گانٺ جي بيماري پھچي وئي آهي، ڳوٺ خان محمد مري جي رھواسي موھن ميگھواڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تقريبن 15 ڏينهن کان منھنجي ڳائي مال ۾ لمپي اسڪن بيماري آهي جنھن ۾ گابو مڪمل طور وٺجي چڪو آهي آئون بلڪل غريب مسڪين ماڻهو آهيان تنھن ڪري پرائيويٽ طور مال جو علاج ڪرائڻ واري مون ۾ سگھ نه آهي پر سرڪاري طور تي اڃان تائين اسان وٽ ڪوبه ڊاڪٽر نه پھتو آھي.