لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو( ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، چوري ڪيل موٽرسائيڪل ۽ سولر  پليٽون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ آريجا پوليس سنگين نوعيت جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار عمران شيخ کي، ماهوٽا پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث ٻن جوابدارن ستار ميربحر ۽ وحيد چانڊيو کي قتل ۾ استعمال ڪيل پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.  ٻئي پاسي دڙي پوليس شهري نظير احمد ٻرڙو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل ۽ ڏوڪري پوليس شهري امتياز سومرو جون چوري ٿيل سولر پليٽون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.