ڪوٽڙي ۾نوجوان جو آپگهات، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، قتل جو الزام

ڪوٽڙي (ن ع آ ) ڪوٽڙي ۾نوجوان جو آپگهات، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، قتل جو الزام تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي ڀٽائي  ڪالوني واري علائقي جي رھواسي 24 سالا نوجوان رشيد احمد گاڏھي پاڻ کي ٽرين ھيٺان ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي آھي جنھن جي لاش کي بلاول ميڊيڪل اسپتال آندو ويو، اسپتال ۾ موجود فوتي نوجوان جي چاچي آصف علي گاڏھي ٻڌايو ته اسان جو رات پنھور برادري جي ماڻھن سان جيھڙو ٿيو ھيو جنھن جي اين سي پڻ اسان داخل ڪرائي جنھن بعد ھو اسان کي بار بار ڌمڪيون ڏئي رھيا ھئا، هوڏانهن آپگهات ڪندڙ نوجوان جي وارثن ٽي اين ٽي ڦاٽڪ اوور هيڊ برج تي لاش رکي ڌرڻو هينو. ،  ان موقعي تي سندس وارثن جو چوڻ هو ته هڪ ڏينهن اڳ پنهور برادري سان معمولي ڳالهه تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد پنهور برادري گهر تي حملو پڻ ڪيو هو، ڌمڪيون ڏنيون پئي ويون، فوتي جي پيءُ کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، نوجوان ڪم سانگي وڃي رهيو ته جوابدارن کيس تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش ٽرين هيٺان ڦٽو ڪيو آهي، هوڏانهن ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي پهچي ڳالهيون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.