ٽنڊوآدم مان عورت 2سالن جي ٻارڙي کي اغوا ڪري وئي

ٽنڊوآدم (ن ع آ) ٽنڊوآدم ۾جمن شاھ واري علائقي مان نامعلوم عورت  2 سالن جي معصوم ٻارڙي ناصر عباس بخاري پٽ محمد شاھ بخاري  کي اغوا ڪري فرار ٿي ويئي واقعي بابت سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آھي ان سلسلي ۾ ٻارڙي جي والد محمد شاھ بخاري پريس ڪلب پھچي ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته منھنجو پٽ گھر ٻاھران راند کيڏي رھيو ھو ته کيس نامعلوم عورت اغوا ڪري فرار ٿي وئي، وارثن وس وارن کان  ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.