فوسل فيول جو توانائي جي ذريعن طور استعمال ۾ گهٽجي پيو: مقرر

ڪراچي (رپورٽر)ماحولياتي ماهرن  قابل تجديد توانائي  جي استعمال کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته  جيئن فوسل ايندھن کي ساڙڻ سبب ڪاربن جي اخراج جي خطرناڪ اثرن کي ختم ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار دي نالج فورم ۽ ڪراچي پريس ڪلب پاران ڪلب جي ابراهيم جليس هال ۾ منعقد ڪيل ”ماحولياتي تبديلي جي رپورٽنگ: اهم خدشن کي بيان ڪرڻ“ جي موضوع تي ميڊيا لاءِ هڪ معلوماتي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي آلٽرنيٽو لا ڪليڪٽو جي ايسوسيئيٽ محمد عبدالرفيع، ٽي ڪي ايف جي ڊائريڪٽر زينيا شوڪت، دي چينج آرگنائيزيشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسحاق سومرو، سينيئر صحافي اسلم شاهه پڻ خطاب ڪندي چيو آهي ،هنن جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ ماحولياتي خدشن سبب فوسل فيول جو توانائي جي ذريعن طور استعمال ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.  انهن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ فوسل فيول تي انحصار تمام گهڻو وڌي ويو آهي.هنن چيو ته هڪ طرف اسان پنهنجو پرڏيهي مٽاسٽا پيٽروليم ۽ ايل پي جي جي درآمد تي استعمال ڪري رهيا آهيون ته ٻئي طرف ٻارڻ سڙڻ سبب اسان جو ماحول آلوده ٿي رهيو آهي.اسان وٽ شمسي ۽ ونڊ انرجي وانگر صاف توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ سج جي روشني ۽ فضائي ڪوريڊور ڪافي آهن، جيڪي قيمتي ۽ ماحول دوست آهن.پاڪستان کي گهرجي ته پنهنجي توانائي جي پيداوار جي انحصار کي فوسل فيول مان بدلائي قابل تجديد توانائين تي آڻي.ورڪشاپ ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي صحافين شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڪي پي سي جي سيڪريٽري رضوان ڀٽي، اڳوڻي صدر عامر لطيف ۽ اڳوڻي صدر طاهر حسن خان سرٽيفڪيٽ ورهايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.