ٽنڊو الهيار، پوليس انسپيڪٽر قتل ڪيس ۾ گرفتار

ٽنڊوالھيار (ڊ  ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان نصرپور روڊ تان ڪيلي جي فصل منجھان ٻه مھينا اڳ نوجوان جو گوليون لڳل لاش ھٿ آيو  ھو جنھن جي سڃاڻپ ٽنڊو باگو واسي علي رضا آرائين طور ٿي ھئي. پوليس واقعي جي جاچ ڪندي مقتول جي سئوٽ تمثيل آرائين کي گرفتار ڪيو جنھن پڇاڻي بعد علي رضا آرائين جي قتل ۾ ملوث ھجڻ جو اعتراف ڪيو. پوليس مطابق تمثيل آرائين ٻڌايو ته قتل ۾ پوليس انسپيڪٽر اسد نبي ۽ ٻيا ٻه نامعلوم ملوث آھن. پوليس قتل جو ڪيس داخل ڪري ان ۾   اسد نبي کچي. تمثيل آرائين ۽ ٻن ٻين کي جوابدار نامزد ڪيو. عدالت تمثيل کي جيل ڪسٽڊي ڪيو ھو. انسپيڪٽر اسد نبي ڪچي ضمانت تي ھو. گزريل ڏينھن ٽنڊوالھيار جي ايڊيشنل سيشن جج مذڪور انسپيڪٽر جي ڪچي ضمانت رد ڪندي پڪي ضمانت جي درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي. جنھن بعد عدالت ٻاھران بيٺل پوليس کيس گرفتار ڪري بي سيڪشن پوليس ٿاڻي منتقل  ڪري ڇڏيو جتي کانئس ٻن اڻڄاتل قتل ۾ ملوث جوابدارن بابت پڇا جاري ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.