ملڪ ۽ عوام جي الميي جو داستان

انهيءَ الميي تي ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو ته هتي هر ڪو ڳالهه ته ”عوام“ جي ڪري ٿو، پوءِ اُهو حڪمران هجي يا مخالف ڌر جون سياسي جماعتون هجن پر عوام جي حقيقي ڀلائيءَ ۾ اهي پري پري تائين نظر نٿا اچن. چونڊن کان اڳ ڳالهه هڪ ڪندا ۽ چونڊن کان پوءِ يا حڪومت ۾ اچڻ بعد ڳالهه وري ٻي ڪندا. ايئن هر ڪو ملڪ ملڪ پيو چوندو پر ملڪ جي ڀلائيءَ ۾ عملي طور ڪير اڳڀرائي ڪندي نظر ناهي ايندو. اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۽ انجي عوام جي سماجي ۽ معاشي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ اڄ ته حڪومت پاڻ ٿي چوي ته ملڪ ڏيوالي جي ڪنڌي تي اچي پهتو آهي.

ڏسجي ته اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو گذريل تاريخ جي خوفناڪ پسمنظر جو هڪ نتيجو آهي، اوهان جيڪو فصل پوکيندئو سو ئي لڻندئو. تاريخي طور جيڪڏهن هن ملڪ جي بنياد کي ڏسجي ته اهو 1940ع وارو ٺهراءُ هو. جنهن جي بنياد تي سائين جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي ۾ نئين ملڪ جي گهر ڪئي هئي. انهيءَ ٺهراءَ ۾ صوبن کي قومي خودمختياري ڏيڻ جي ڳالهه ڪيل هئي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي ان کي قومي بدران صوبائي خودمختياري ڄاڻايو ويو. اتان ئي ملڪ جي تقدير خراب ٿيڻ لڳي ۽ چٽائي نه هئڻ ڪري ملڪ ٺهڻ باوجود ڪافي سالن تائين ملڪ جو آئين نه پئي ٺهيو، ڪيترائي آئين ٺهيا ۽ ڊهيا.

ملڪ تڏهن کان ئي غير جمهوري رستي تي هلڻ لڳو. هن ملڪ جو خاص ڪري سنڌ جو ٻيو وڏو الميو ورهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ جو هو جنهن ۾ سنڌ مان سنڌي هندن جو هندستان لڏي وڃڻ هو، جيڪو ڪاروباري طبقو هو ۽ سنڌ جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي هو. سنڌي هندن جي وڃڻ سان ڀارت مان آيل پناهه گير جن انهن جو خال ڀريو تن افسوس جي ڳالهه ته دل سان سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجو نه بڻايو ۽ ”ڌريان ئي ڌاريا مٽ مُئي جا نه ٿيا“ جي ريت هلايائپن. انهيءَ عمل سان سنڌ صوبي اندر ئي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ۾ يعني سنڌ جي آبادي ۾ لساني نفرت جو ٻج پوکيو ويو. 1948ع ۾ سنڌ جي شهر ڪراچي کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو جنهن کانپوءِ سنڌ ۽ ڪراچي جي اصطلاح جنم ورتو جيڪو اڄ تائين قائم آهي. جيتوڻيڪ تڏهن ئي ڪراچي واپس سنڌ جي شهر طور بحال به ٿي چڪو هو.

اڄ ملڪ کي قرض وٺڻ جا مهڻا ملي رهيا آهن پر ان جي شروعات به ملڪ جي باني اڳواڻن ڪئي جن نئين ملڪ کي هلائڻ لاءِ پهريون قرض آمريڪا کان ورتو جيڪو سلسلو اڄ تائين هلي رهيو آهي. جڏهن ته روس پهريون ملڪ هو جنهن سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان کي قبول ڪيو هو ۽ پاڙيسري ملڪ هئڻ ناتي جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا بدران انکي پنهنجي ڇپرڇانو بڻائي ها ته پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي حالت اڄ وڌيڪ مضبوط هجي ها پر پاڪستان، آمريڪا جي سرپرستي قبول ڪئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي.

ون يونٽ جو مڙهجڻ هن ملڪ جو سڀ کان وڏو حادثو رهيو آهي جنهن هن ملڪ جا بنيادي ئي ڌوڏي ڇڏيا، ان کان پوءِ 1940ع واري پاڪستان جي اُميد بلڪل ئي ختم ٿي وئي. پوءِ وارو پاڪستان نظريئه ضرورت، آمريتن ۽ مارشل لائن وارو پاڪستان بڻجي ويو. اهڙي ملڪ ۾ ظاهر آهي ته پوءِ جمهوريت جو نظام سکڻو نعرو ئي رهندو آيو آهي.مذهب جي نالي ۾ هن ملڪ سان انتهائي خوفناڪ وارداتون ڪيون ويون. افغانستان ۾ روسي انقلاب کي ختم ڪرڻ لاءِ جن مذهبي انتهاپسندن جي فوج کي ضياءَ الحق جي اڳواڻن ۾ پيدا ڪيو ويو، سا جڏهن خود نائين اليون جي واقعي کانپوءِ سامراج جي ڳچيءَ ۾ پئي ته جنرل مشرف جي دور ۾ پهريون ڀيرو بظاهر انهن خلاف ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون ٿيو پر اهو حقيقي نه هو جنهن ڪري آمريڪا جو پاڪستان تان اعتبار گهٽجڻ لڳو ۽ هڪ اهڙو به وقت آيو جو ان پهريون ڀيرو ملڪ جي سويلين حڪومت تي ڀاڙڻ شروع ڪيو. سي پيڪ تي به عالمي طاقت ڪجهه ارهي آهي.

غير جمهوري ۽ آمريتي طاقتن جي پاليسين جو ئي اهو نتيجو آهي جو هي ملڪ پنجهتر سالن کانپوءِ به نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ ڏيوالي جي ڪنڌي تي بيٺل آهي. ڪرپشن هن ملڪ جي رڳن ۾ ڪينسر بڻجي وئي آهي جنهن جو بظاهر ڪو علاج نظر نٿو اچي.

اهو سڀ مٿي ڄاڻايل تاريخي پسمنظر جو نتيجو آهي جنهن مان نڪرڻ جو هڪڙو ئي حل آهي ته ملڪ کي پنهنجي بنياد تي هلايو وڃي. هن ملڪ جو هن وقت جيڪو به آئين  آهي تنهن تي ئي هن ملڪ کي هلايو وڃي ته چوويهن ڪلاڪن اندر هاڪاري نتيجن جي هوا گهلندي محسوس ٿيندي. سو ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جو علاج پنهنجي بنيادي روح ڏانهن ورڻ ۾ آهي. حقيقي عوامي جمهوري نظام ۾ آهي.  صاف شفاف ڌانڌلين کان پاڪ چونڊن ۾ آهي، پنهنجي ملڪ جي وسيلن مان فائدو وٺڻ ۾ آهي. اسان جي اڄ حالت اها آهي جو پنهنجو پير نه زمين تي آهي نه ئي آسمان تي! وچ تي ٽنگيل آهيون. اسان کي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ بحالي جي جيڪڏهن واقعي به ڳڻي آهي ته انجو حل اهو آهي ته ملڪ کي نظرياتي، آئيني، جمهوري روح پٽاندڙ هلايو وڃي، قانون جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي، ڪرپشن کي حقيقي معنيٰ ۾ ختم ڪريون ۽ اليڪشني نظام کي ايڏو سستو ڪيو وڃي جو چونڊ کٽڻ کانپوءِ ڪرپشن ذريعي اهي پيسا ڪڍڻ جي ۽ نفعو ڪمائڻ جي ضرورت نه پوي. مطلب ته مسئلي جو حل موجود آهي جيڪڏهن حڪمران پنهنجا سامراجي، اقتداري ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪم ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.