شاگردن جا پراسرار موت، خودڪشيون يا قتل.؟

تحرير: امتياز چانڊيو

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو پراسرار موت هڪ وڏو سوال بڻجي ويو آهي، سوال به اهڙو جنهن جو هن وقت تائين ڪو مثبت جواب ئي نه ملي سگهيو آهي، موت جي واقعي جي صحيح نموني جاچ ئي نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ان موت جي ڪنهن ذميوار کي هن وقت تائين قانون جي پڪڙ ۾ آندو ويو آهي، تنهن ڪري اهڙن موتن تي هر ماڻهو حيران ۽ پريشان آهي، هن وقت تائين سنڌ جي اهڙي ڪا به يونيورسٽي يا ڪاليج ناهي بچيو جنهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شاگردياڻيءَ يا شاگرد جو پراسرار موت نه ٿيو هجي، پر پريشاني ته ان ڳالهه جي آهي ته هيڏن وڏن تعليمي ادارن اندر پڙهندڙ شاگرد پراسرار نموني پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويهن ٿا، وڏين جاچن جي باوجود هن وقت تائين هڪ به اهڙي موت جو ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن ۾ خبر پوي ته اهو موت ڪهڙن سببن ڪري ٿيو ۽ ان جو ڪير ذميوار آهي.

هن وقت سنڌ جا تعليمي ادارا قتل گاهون بڻجي ويا آهن، نوجوانن جو قتلام معمول بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري والدين جو پنهنجا ٻار يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهائڻ يا تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ کان ارواهه ئي کڄندو پيو وڃي، نائلا رند، نمرتا ڪماري ۽ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جا موت اڃا تائين جڳهارت بڻيل آهن، انهن جا ذميوار هٿ اڃا تائين ظاهر ئي ناهن ٿي سگهيا ته قانون جي هڪ شاگرد جي موت واري واقعي جي خبر هن سماج مٿان ڄڻ وڄ ڪيرائي ڇڏي آهي، بظاهر ته اشفاق حسين جي ڳچيءَ ۾ تار ويڙهيل هئي ۽ سندس لاش پکي سان ٽنگيل هو، پر سندس وارث ۽ دوست ان موت کي خودڪشي نه پر قتل جو واقعو قرار ڏئي رهيا آهن.

ميڊيا تي رپورٽ ٿيو ته قاسم آباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ هڪ فليٽ مان قانون جي شاگرد 21 سالن جي اشفاق حسين پٽ مشتاق علي شر جو پرسرار نموني ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو آهي، هو پنهنجا سمورا خواب پاڻ سان گڏ کڻي وڃي هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهي رهيو، خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ عبدالطيف شر سان تعلق رکندڙ هي نوجوان نسيم نگر جي علائقي نسيم شاپنگ مال جي بلاڪ 17 جي فليٽ نمبر 45 ۾ رهندو هو ۽ اتان ئي سندس لاش مليو.

اشفاق حسين شر سنڌ يونيورسٽي معرفت ميٺارام هاسٽل ۾ قائم ڪئمپس ۾ لا جي چوٿين سال جو شاگرد هو ۽ هو پڙهائي جي سلسلي ۾ پنهنجن ٻين دوستن سان گڏ ڄاڻايل فليٽ ۾ رهندو هو، نوجوان کي سندس وارثن فون ڪالون ڪيون هيون، جيڪي مسلسل اٽينڊ نه ٿيڻ ڪري وارثن حيدرآباد ۾ ئي رهندڙ سندن هڪ مائٽ کي خبر چار لهڻ لاءِ فليٽ تي موڪليو ته دروازو ٻاهر کان بند هو، دروازو کولي اندر ڏٺو ويو ته اشفاق حسين جو لاش ڪيبل جي تار سان فليٽ جي ڪمري ۾ لڳل پکي ۾ لٽڪيل هو ۽ هو گوڏن ڀر بيڊ تي پيل هو، لاش جي اهڙي صورتحال تي وارثن کي قتل جو شڪ پيدا ٿيو، نوجوان اشفاق حسين پنهنجن ٽن دوستن سان گڏ فليٽ ۾ رهندو هو.

جيڪي شاگرد پنهنجن گهرن، دوستن، مٽن مائٽن کان پري رهي مشڪل پڙهائي، ڏکين ٽيسٽن، ڳرين فيسن ۽ هاسٽلن جون سختـيون سهي پنهنجين تڪليفن کي ٽهڪن ۾ اڏاري ڇڏين ٿا، اهي خودڪشيون ڪيئن ٿا ڪري سگهن، هتي هر قتل کي خودڪشي جو نالو ڏئي ادارن جي ڪوتاهي ۽ ان قتل ۾ ملوث ذميوارن کي لڪايو وڃي ٿو، موت جي ڪجهه ڏينهن جاچ ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ والدين کي به دٻائي ماٺ ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو.

هن وقت اشفاق حسين جي موت واري واقعي سنڌ ۾ ڄڻ باهه مچائي ڇڏي آهي، مقتول جا وارث ته واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪري ئي رهيا آهن، پر مختلف تنظيمون پڻ احتجاجي طور روڊن تي نڪري پيون آهن، سنڌ عوامي فورم جي اڳواڻن پريس ڪلب حيدرآباد سامهون احتجاج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اشفاق شر وارو واقعو خودڪشي نه پر قتل محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي ضرورت آهي، اشفاق شر جي وارثن پاران نامعلوم ماڻهن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو پر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ظاهر نه ڪئي، شڪ آهي ته هي واقعو به ٻين ماضيءَ جي واقعن جيان لڙهي ويندو.

تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي موت وارن واقعن ۽ شاگردن کي پيش ايندڙ تڪليفن خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ به ميدان تي اچي وئي آهي، سنڌي شاگرد تحريڪ 18 جون کان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ڪرڻ ۽ 21 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ هزارين شاگردن جي ريلي ڪڍڻ جو اعلان به ڪيو آهي. تحريڪ جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي قتل گاھن، ڌاڙيلن جي ڪيٽين ۾ تبديل ڪري دھشتگرديءَ جو راڄ قائم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۽ شاگردن ۾ پيدا ٿيل تعليمي رجحان کي معاشي ھٿ ڪنڊن ذريعي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. ڳاٽي ٽوڙ فيسون، ميرٽ جي لتاڙ، شاگردياڻين ۽ شاگردن کي حراسا ڪري کين خودڪشين تي مجبور ڪرڻ، تعليمي ادارن ۾ قتلام ڪرائڻ، ھاسٽلن جي کوٽ، سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي کوٽ وارا مسئلا به شاگردن ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن.

هن وقت سنڌ جو هر ماڻهو تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي موت وارن واقعن جي منصفاڻي جاچ جي گهر ڪري رهيو آهي، شاگردن جي قتل ۾ ملوث هٿن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن شاگردن ۽ انهن جي والدين جو ٻيهر تعليمي ادارن تي اعتماد بحال ٿئي ۽ تحفظ واري فضا ۾ رهي شاگرد پنهنجي تعليم مڪمل ڪري هن معاشري لاءِ ڪارائتا ثابت ٿي سگهن، جيڪڏهن شاگردن جي موت وارن واقعن کي سدائين جيان ڳجهو رکيو ويو قاتلن کي بي نقاب نه ڪيو ويو ته اڳ ۾ ئي سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي، اها ويتر نقصان ۾ هلي ويندي، تعليم جو نقصان نه صرف هڪ شاگرد جو نقصان هوندو، پر اهو هن معاشري جو وڏي ۾ وڏو نقصان ثابت ٿيندو، سڄي سنڌ جو مطالبو آهي ته اشفاق حسين جي قتل جي منصفاڻي جاچ ڪرائي موت جي سببن کي ظاهر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.