سياست کي نه رياست کي بچائڻ جي ضرورت آھي

تحرير: مير ذوالفقار چانڊيو

اڄ ڪلھه ملڪ جي مجموعي صورتحال تي نظر ڪجي ٿي ته ھر پاسي کان مھانگائي جو طوفان اچڻ ڪري غريب عوام سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهي جنھن سبب غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ٻئي پاسي وري ملڪ جا حڪمران اھو چوڻ ۾ نه ٿڪجي رھيا آھن ته ھي مھانگائي جو طوفان پوئين حڪومت جو تحفو آهي جڏهن ته پوئين حڪومت جا حڪمران وزير مشير موجوده حڪومت تي تنقيد ڪري پنھنجي پاڻ کي آزاد ڪري رهيا آهن ته مھانگائي اسان نه پر موجوده حڪومت جي ناڪامي جي ڪري ٿي رهي آهي. مطلب، اسان وٽ ڪير به پنھنجي نااھلي ۽ نالائقي غلطين کي تسليم نه ڪري رھيو آھي بس ھر پاسي کان پنھنجي ڪوڙي فريب واري سياست کي چمڪائڻ جي لاءِ بيان بازي ڪري عوام سان گڏ ملڪ کي تباھي ڪناري پھچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي جي ڪري ملڪي معيشت وينٽيليٽر تي ھجڻ ڪري زندگي جا آخري ساھ کڻي رھي آھي جنھن سان عوام کي ته وڏو نقصان ٿي رهيو آهي پر ايندڙ حالتن ۾ اھو وڏو نقصان رياست جي سلامتي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. ملڪ ۾ روزاني جي بنياد تي وڌندڙ مھانگائي، وزيرن مشيرن حڪمرانن جون عياشيون، ٻاھرين ملڪن خاص ڪري آءِ ايم ايف کان رڪارڊ قرض وٺڻ جي ڪري ملڪ جو مستقبل تمام وڏي خطري ۾ وڃي رھيو آھي، جيڪڏھن ٻاھرين ملڪن جا قرض وڌي وڃن ٿا ته اھي ملڪ عوام جي مٿان ٽيڪسن سان گڏ ٻيا ڳرا شرط رکي سگھن ٿا،جنھن ۾ ملڪ جا ائٽمي اثاثا حوالي ڪرڻ سان گڏ ڪافي طاقتور ٽيڪنالاجي پنھنجي ملڪ کڻي وڃن سگھن ٿا.

موجوده حالتن ۾ مھانگائي جو طوفان صرف غريب عوام برداشت ڪري رهي آهي، پر الله نه ڪري جيڪڏهن ايندڙ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿيون ته ملڪ ائٽمي قوت کان خالي ٿي سگھي ٿو، ھن وقت ملڪي مستقبل جي حالتن کي ڏسڻ سوچڻ جي ضرورت آھي، اڄ ڪلھه ڏينھون ڏينهن ملڪ ۾ مھانگائي وڌي رھي آھي جنھن سان ايندڙ حالتن ۾ ملڪي معيشت سان گڏ رياست کي نقصان ٿي سگهي ٿو، ھڪ پاسي ملڪ مٿان رڪارڊ قرض چڙھي رهيو آهي ته ٻئي پاسي وري مھانگائيءَ جو طوفان برپا ٿي رهيو آهي، ٻنهي پاسن کي صرف غريب عوام ۽ ملڪ کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

پر ھاڻي ڳالهه سياسي پارٽين جي ھڪ ٻئي مٿان بيان بازي کان ڪراس ڪندي رياست مٿان وار ڪرڻ تائين وڃي پهتي آهي ،جيئن عمران خان جي حڪومت کي گھر موڪليو ويو هو جنھن کان پوءِ خان صاحب جي ھر پريس ڪانفرنس يا جلسي ۾ ڪيل تقرير کي ڏسجي ته سندس مزاحمتي لھجو ملڪي ادارن خلاف الطاف حسين واري ٻولي ڳالهائڻ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، سندس دل دماغ ۾ رياست جي لاءِ ڪيتري نفرت انگيز ھوا ڀريل آهي،جيڪا ھر اچڻ واري ڏينھن اھا خارج ٿي رھي آھي.

تازو عمران خان جي بيان تي نظر ڪجي ته ھن رياست کي ٽوڙي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي ڳالهھ ڪئي آهي، مطلب ته وطن عزيز ۾ ھاڻي پنھنجي سياست کي بچائڻ يا وري پنھنجي پاڻ کي سياست ۾ زنده رکڻ لاءِ رياست کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ يا ان کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ٿي رهي آهي، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

ملڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالهھ ھي پھريون ڀيرو نه پر ماضيءَ ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين پنھنجي ويڊيو لنڪ ذريعي خطابن ۾ ڪئي دفعا ڪندو رهيو هو، پر اڄ تائين ان کي ڪجھه نه ٿي سگهيو ته ھاڻي عمران خان کي ڇا ٿيندو. وڏي ڳالھ ته ماضيءَ ۾ سياستدانن جي غلط پاليسين، انا پرستي جي ڪري ملڪ کي ٽوڙي بنگلاديش بڻايو ويو اڄ ڪلهھ اھا صورتحال ته نه آهي پر ملڪ جون حالتون تمام گھڻيون خراب لڳي رھيون آھن جنھن جي ڪري ھي وقت آهي ته سڀ سياستدان پنھنجا سياسي ذاتي مفاد ختم ڪري عوام جي حقن يا ملڪ جي سلامتي خاطر ھڪ ٿي وڃن جيئن رياست کي مڙني خطرن کان محفوظ بڻايو وڃي.

حقيقت آهي ته رياست ھوندي ته سياست ٿيندي سياست کان پھرين رياست کي بچائڻ ضروري آهي ڇو ته رياست ئي سڀ ڪجھه آهي باقي ڪرسي اقتدار جھڙي زندگي ھميشھ رھڻي ناھي ان ڪري اسان جي معزز سياستدانن کي گھرجي ته پنھنجي موقعي پرستي سياست يا عوام کي ڌوڪو ڏئي اقتدار جي خاطر ملڪ کي نقصان ڏيڻ جي ڳالھه نه ٿيڻ گهرجي.

حقيقت ۾ ملڪ ھن وقت معاشي طرح نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي جنهن جي لاءِ ھينئر کان وٺي سياست کي نه پر رياست کي بچائڻ جي ضرورت آھي، ڪٿي ائين نه ٿئي جو سياستدانن جي عياشين انا پرستي اقتدار جي حرص سبب ملڪ ٽٽي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.