ٻوڏن جو خطرو ۽ ڪاڇي جا رستا

سنڌ ۾ موسميات کاتي سانوڻيءَ کان اڳ ئي مون سون برساتن جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب خاص طور سنڌ جي پيل علائقي جي رهواسين کي خوف ورائي ويو آهيھن سال گذريل سال پيل برساتن کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي خاص طور گذريل ٽن سالن کان مسلسل ڪاڇي ۾ نئين گاج جي آيل ٻوڏن سبب تباهه ٿيل رستا ته نه ٺاهيا ويا پر ان کان بچاءُ خاطر ڪٿان به ڪو متبادل رستن سسٽم نه طئي ڪيو ويو جو ايمرجنسي حالتن ۾ علائقي واسين کي محفوظ جڳهن تائين منتقل ڪري سگهجي 

ڪاڇي ۾ جڏھن به برساتن ۽ ٻوڏن ۾ علائقي واسين کي جيڪي تڪليفون آيون آهن اهي عوام کي پنهنجي غلطين نه پر حڪمرانن جي نااهلي سبب آيون آهن ۽ جڏھن به ماڻھون ٻوڏن ۾ ڦاٿا آهن انهن کي فضائي مدد ذريعي ڪڍيو ويندو آهي برسات جڏھن به معمولي صورت ۾ وسي ٿي اها رحمت بڻجي وڃي ۽ جڏھن اها غيرمعمولي صورت ۾ وُٺي آهي اها تباهين ٻوڏن ۽ بربادين جو سبب بڻيل رهي آهي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ  بهتر نظام لاڳو ٿيل آهن جنهن انتظامن کي ايمرجنسي دوران فوري طور فعال بڻايو ويندو آهي ۽ ماڻهن جي جانين ۽ مال جي تحفظ کي فوري طور يقيني بڻايو ويندو آهي اسانجي حڪمرانن جي ڪمزور پاليسين سبب ٻوڏو هجن يا ٻيون  قدرتي مصيبتون انهن کان عوام کي بچائڻ لاءِ  ڪي به جوڳا انتظام ٿيل ناهن هتي ته صرف مصيبتن کي حڪمرانن جي ڪمائي سمجهيو وڃي ٿو جڏھن به ماڻهن مٿان قدرتي مصيبتن جو نزول ٿيو آهي ته حڪمرانن جون ڪمايون ٻيڻيون ٿيون آهن.

هن سال به موسميات کاتي پاران ادارن کي اڳواٽ الرٽ جاري ڪرڻ جي باوجود خاص طور سنڌ جو انتهائي پوئتي پيل علائقو ڪاڇو جتي ماڻھن کي پاڻ بچائڻ جو موقعو نٿو ملي ته حڪومت انهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ ۾ هميشه غيرسنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن سبب برساتن توڙي ٻوڏن ۾ ماڻھن کي وڌ کان وڌ جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻا پيا آهن ڪاڇي ۾ گذريل ٽن ورهين کان آيل مسلسل ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر کي معمول تي نه آندو ويو آهي ته وري چئوماسي جي برساتن جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن سبب ڪاڇي واسين کي وڌيڪ تڪليفون اچي سگهن ٿيون، انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ  ٻوڏن جي زد ۾ ايندڙ رستن جي پسمنظر ۾ متبادل رستن جو هئڻ انتهائي لازمي آهي جنهن مسئلي تي سنڌ سرڪار ڪڏھن به توجهھ ناهي ڏنو ۽ هڪ ئي طرح رستا ٺاهيل آهن جيڪي هرسال ٻوڏن ۾ ٽُٽن ۽ تباهه ٿين ٿا ۽ انهن جا اربين رپيا جاري ٿين ٿا, ٽينڊر ڪيا وڃن ٿا پر روڊ ٺھڻ نسلن لاءِ  خواب بڻجي ويا آهن ته آخر روڊن جي سهولتن سان عوام کي ڪهڙي نموني آسان ڪيو ويندو

ٻوڏن ۾ تڪليفن کي ڪاڇي واسي ڪهڙن ڪهڙن طريقن سان منهن ڏين ٿا ۽ بهتر روڊ رستا انهن لاءِ  ڪيترا ضروري آهن انهن ٻنهي مسئلن جو ٿورو ذڪر ڪجي ته دنيا جي ترقي پذير ملڪن جي ترقي جو راز روڊن جي بهتر نظام ۾ رکيل آهي ڪاڇو ته تمام وسيع حدون  رکندڙ علائقو آهي پر ان ۾ دادو ضلعي ۽ جوهي جي ڪاڇي واري علائقي هميشه ٻوڏن جي هاڃيڪار تباهين کي منهن ڏنو آهي پر انهن تباهين جو ڪوبه ازالو نٿو ڪيو وڃي

اهڙي ناقص حڪمرانيءَ جا نتيجا غريب عوام آخر ڪيستائين ڀوڳيندي رهندي سنڌ حڪومت هر سال پروانشل ۽ روڊس کاتي کي ڪروڙين رپيا جاري ته ڪري ٿي پر ڪٿي به ڪا اسڪيم مڪمل نه ڪئي وڃي ٿي ڪاڇي ۾ ٻوڏن دوران سڀ کان وڌيڪ پريشاني ان ڳالهھ جي هوندي آهي ته ڪٿي به ڪو متبادل رستن جو نظام ناهي جوڙيو ويو  ٻوڏن اچڻ سبب هڪ ته ٺھيل رستا لُڙھي تباه ٿي وڃن ٿا ته ٻئي طرف ٻوڏن ۾ ڦاٿل  ماڻھن کي ڪڍڻ لاءِ  ٻيڙيون نه پر ايمرجنسي هيليڪاپٽر استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن جيڪڏهن علائقي ۾ متبادل رستن جون سهولتون هجن ته شايد مشڪلاتون گهٽجي سگهن ٿيون پر گذريل پنجاهه ورهين کان ڪاڇو ٻوڏن توڙي برساتن ۾ متاثر ٿيندو رهيو پر روڊن رستن جي نظام کي ڪڏھن به دلچسپي وٺي نه ٺهرايو ويو آهي جنهن ذريعي ماڻھن جي آمدرفت جو سلسلو بحال رهي.

جڏھن به ڪاڇي واسين کي تڪليف ٿئي ٿي ان جو ڪارڻ روڊ نه هئڻ آهي رستا بند ٿيڻ سان کاڌ خوراڪ جي  شين جي رسائي ناممڪن ٿئي ٿي صحت جون سهولتون ختم ٿي وڃن ٿيون خراب رستن سبب عملو اچڻ لاءِ  تيار ئي ناهي جڏھن برساتون ۽ ٻوڏون تباهيون مچائي ختم ٿين ٿيون ته موقعو ملڻ جي باوجود سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ۽ تڪ جي منتخب نمائندن عوام کي تڪليفون پهچائيندڙ ھن سنگين مسئلي تي ڪوبه توجهھ نه ڏنو آهي روڊس ڊپارٽمينٽ ۽ پروانشل کاتي انتظاميه جي ملي ڀڳت سان اربين رپيا روڊن جي مرمت جي مُد ۾ هڙپ ڪري عوام جي زندگين کي زهر بڻائيندڙ سرڪار وڏي واڪي دعوائون ڪندي رهندي آهي ته اسان سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين معياري روڊن جو ڄار وڇايو آهي جيڪي واعدا سراسر عوام سان ظلم جي انتها تي مبني هجن ٿا

هن وقت موسميات کاتي پاران اڳئين سال کان وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي بعد خاص طرح ڪاڇي جي هزارين ماڻھن ۾ هڪ خوف ڦھلجي چُڪو آهي ته رستا بلڪل نه آهن آخر اسان مسڪينن ڏوه ڪهڙو ڪيو, ۽ حڪمران اسانجي زندگين جو اهڙو سستو سودو ڇو ٿا ڪن اسان به انسان آهيون جيڪڏُهن سنڌ سرڪار اسان کي ٻيو ڪُجهھ نه ٿي ڏئي سگهي ته ڇا روڊ به اسانجو حق ناهن ڪاڇي جي هزارين ماڻھن جي اهڙن احساسن ۽ ارمانن کي تڪ جي چونڊيل نمائندن کي سمجهڻ جي صلاحيت ڪڏھن ايندي جيڪڏھن پنهنجي پرسُڪون زندگين کي سمجهن ٿا ته ڪاڇي جا هزارين انسان به اهڙيون ئي سهولتون گهرن ٿا جيڪڏھن انهن کي ٻيو ڪُجهھ نٿو ڏنو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ قدرتي آفتن ۽ مصبتن جهڙين ٻوڏن کان بچڻ لاءِ  انهن کي اهڙا معياري متبادل رستا جوڙائي ڏنا وڃن جيئن هو ڪنهن طريقي سان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ته ٿي سگهن 

سنڌ ۾ گذريل چوڏهن سالن کان پ پ جي حڪومت آهي پر ڪنهن به شهر خاص طور پٺتي پيل علائقن جي شهرن ۽ ڪاڇي جهڙي ڏورانهن علائقن ۾ روڊن رستن جي تعمير ۾ دلچسپي ناهي ورتي وئي جتي دنيا روڊن رستن وسيلي ترقي ڪئي ڇا ڪاڇي واسي ان سهولت لاءِ  سرڪار کان مطالبا ڪندا رهن انهن جو مطالبا ڪرڻ ئي حق تسليم ڪيو ويندو رهندو، ڏسجي ته هڪ طرف هتي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ ٻوڏو رهيون آهن ته ته ٻئي طرف سرڪاري نااهلي سنڌ سرڪار ۽ پ پ قيادت کي گهرجي ته هڪ ڀيرو ئي ڪاڇي جا معياري رستا ٺهرائي عوام جو قرض لاهي پنهنجو فرض ادا ڪري علائقي واسين کي ورهين کان درپيش تڪليفن مان آجو ڪيو وڃي جيڪڏھن هن سال به غير معمولي برساتون پيون ته ڪاڇو ويھه  ورهيه پوئتي هليو ويندو ۽ روڊ ٺھڻ به خواب بڻجي ويندا

محمد اسماعيل لانگاھ 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.