عوام نيٺ ڪيستائين ظلم.جي چڪي ۾ پيسجندو ؟

تحرير:طفيل مگسي

اڄ ھتي سوال اسان جي پنهنجي نظام جو آھي.انگريزن کان اڳ هتي مسلمانن جون حڪومتون هيون.جيڪي عدل وانصاف تي مشتمل هيون.ماڻھو معاشي ۽ سياسي طور تي آزاد هئا.پوءِ  مسلمانن جي نظام ۾َسياسي ڪمزوريون شروع ٿيون.اها حقيقت آھي ته عروج کي زوال ايندو آھي.پر  ان جي باوجود اسان معاشي سياسي طور تي ڪنهن جا غلام نه هئاسين.انهن ڪمزورين ۽ غدارين جو فائدو وٺي انگريز قابض ٿي ويا..،انگريز جن بعد ۾ ھتي اهو ظلم.ڪيو جيڪو اڄ اسرائيل فلسطين تي ڪري رهيو آھي.بلڪ ان کان به وڌيڪ ظلم انگريزن هن سرزمين تي پنهنجي نظام جي صورت ۾ ڪيو.اٽڪل ڪروڙين ماڻھن تي هٿ سان ڏڪار پيدا ڪري کين موت جي حوالي ڪيو ويو.ان کانسواءِ قتل ۽ ڦرلٽ الڳ آھي.ورهايو ۽ حڪومت ڪريو جي پاليسي تي عمل ڪيو ويو.ماڻھن کي ذھني غلام.بنائڻ جي لاءِ  لارڊ ميڪاولي جو تعليمي نظام رائج ڪيو ويو.جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي نظام.کي قانوني شڪل ڏئي ڪري ڪروڙين ماڻھن کي ذھني ۽ جسماني طور تي غلام بڻايو ويو.

اسان جي سموري تعليمي، سياسي ۽ معاشي نظام کي تبديل ڪري ڇڏيائون.پاڪستان ٺھڻ جو بنيادي مقصد انگريزن جي ان نظام ۽ غلامي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ  ۽ اسلام تي ٻڌل عدل وانصاف جي نظام کي رائج ڪرڻ هو.پر  افسوس پاڪستان جي آزادي کانپوءِ  هتي اهوئي نظام رائج ٿيو.جيڪو انگريزن هن سرزمين ۽ عوام کي ڦرڻ جي لاءِ  قائم ڪيو هو يعني ساڳيوئي جاگيرداري ۽ سرمائيداري تي مشتمل ظالم نظام قائم ٿيو.

جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته هتي ناڻي واري سوچ رکڻ وارن امريڪا ۽ برطانيا جي ڪارندن هتان جي عوام کي تاريخ کان الڳ ڪري ذھني غلام بڻايو.اسلام کي صرف مدرسن ۽ مسجد تائين محدود ڪيو ويو…تعليمي نظام ساڳيو ئي لارڊ ميڪاولي ۽ ايڊسمٿ جو معاشي نظام ميڪاولي جو سياسي نظام وغيره جي قانونن تي مشتمل نظام قائم ڪيو.۽ وڌيڪ غلامي جي لاءِ  آمريڪي آءِ ايم.ايف کان قرض کڻي ڪري قومن کي بين الاقوامي غلامي جيءُ حوالي ڪيو ويو.

اڄ ان جو نتيجو اهو نڪتو آھي جو  قوم ڪجهه غلام ماڻھن جي غلامي ۾ آھي.65 سيڪڙو کان وڌيڪ زرعي پيداوار تي 1 سيڪڙو ماڻھن جو قبضو آھي.سموري قوم تي 22 چور خاندانن جو راڄ آھي ۽ انهن جي زمينن تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ وارا سندن غلام.۽ رحم ڪرم تي آھن.

عالمي بينڪ جي مطابق هر اهو شخص جنهن جي روزاني آمدني ٻه ڊالر يا اڍائي سئو رپيا 250 کان گهٽ آھن.ان جو شمار  غربت جي لڪير کان هيٺ ھوندو آھي.پر  پاڪستان ۾ سئو روپيا 100 کان به روزاني گهٽ ڪمائڻ وارن کي حڪومت غريب سڏي ٿي.

250 روپيا روزاني آمدني جي بين الاقوامي معيار جي مطابق پاڪستان جي 70 سيڪڙو آبادي غريب تصور ٿيئي ٿي.پر  100 روپيا روزاني پاڪستاني معيار جي مطابق سرڪاري کاتن ۾ پاڪستان 74 سيڪڙو آبادي غريب آھي.

پلاننگ ڪميشن جي تازي سروي جي مطابق پاڪستان ۾ 7 ڪروڙ 77لک هينئر به غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور آھن.پنجاب ۾ غربت جي شرح 31.4 سنڌ ۾ 43 سيڪڙو.خيبر پختونخواه ۾ 49 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ غربت جي شرح 71 سيڪڙو آھي.

اڍائي ڪروڙ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر آھن.ڇوته انهن کي غربت جي ڪري تعليم.جون سهوليتون ميسر ناهن .ساڳيوئي حال اسپتالن جو آھي.جتي ڪو علاج ناهي ڪا سهوليت ميسر ناهي بلڪ ملٽي نيشنل ڪمپنين اسان جي سمورن صحت جي ادارن کي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي ته جيئن انهن جون دوائون وڌ کان وڌ وڪرو ٿين ۽ باقاعدي پلاننگ سان گڏ ماڻھن ۾ مختلف بيماريون عام ڪيون وڃن ٿيون.

پاڪستان جا اٺ ڪروڙ(8) 80 لک ڇھه لک فرد هڪ ڪمري تي ٻڌل گهرن ۾ زندگي گذارين ٿا.بيروزگاري اسان جي لاءِ  ڪينسر بڻجي وئي آھي.جڏھن ته پاڻ تعليم.صحت ۽ ٻين سهوليتن جو به وڏو فقدان آھي.

2016 ع جي رپورٽ جي مطابق پاڪستان ۾ ھر سال اٽڪل 48 هزار معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار ٿين ٿا.جيڪي سڄي دنيا ۾ مرڻ وارن ٻارڙن جو ڏھ سيڪڙو آھن.

ڪورونا بيماريءَ جي سبب کان هينئر تائين 2 ڪروڙ کان وڌيڪ فرد بيروزگار ٿي چڪا آھن.ٻوڏن جي سبب کان لکين ماڻھو گهرن کان بي گهر ٿي وڃن ٿا.فصل تباهه ٿي وڃن ٿا.زميني ورهاست جي غلط طريقيڪار جي سبب کان هزارين ماڻھو هڪ ٻئي کي قتل ڪري ڇڏين ٿا.اهو سڀ ڪجهه غلط نظام ۽ قانونن جي سبب کان آھي.

ان ريت اسان جي ملڪ ۾ جهجهي معدنيات موجود آھي.پر  ان مان فائدو ڪجهه طاقتون حاصل ڪري رهيون آھن.صرف بلوچستان جي سيندڪ پروجيڪٽس ۾ روزاني هزارين ٽن جي قيمتي معدنيات نڪري ٿي .جن مان فائدو ڪجهه ملٽي نيشنل ڪمپنيون ۽ ماڻھو حاصل ڪري رهيا آھن.ان کان علاوه سموري پاڪستان ۾ ڪوئلي.تيل گئس ۽ ٻين معدنيات جا ذخيره موجود آھن.جن مان ملٽي نيشنل ڪمپنيون .سول يا ملٽري بيوروڪريسي ۽ سياسي ماڻھو فائدو کڻي رهيا آھن.

اسان جو سمورو نظام چاهي مقدس عدالت جو هجي.پوليس جو هجي.ٽيڪس جو هجي وغيره سڀ ڦرلٽ ۾ ۽ انهن سرمائيدارن جي خدمت ۾ مصروف آھن.ڇوته اهي قانون ۽ نظام ٺاھيا ئي سرمائيداري ۽ جاگيرداري جي لا ويا آھن.

اڄَ اسان وٽ آءِ ايم.ايف جو وياجي نظام آھي.جنهن کان عوام ۾ مسئلا وڌي رهيا آھن.ان غليظ نظام جو مثال هڪ اهڙي تلاءَ  جيان آھي.جنهن ۾ روزاني ماڻھو وهنجن.پر  جيڪو پاڻي تلاءِ  ۾ وڌو وڃي اهو سمورو غليظ ھجي.ان جا اثر انساني جسم تي ٿيندا.ماڻھن کان بدبوءِ ايندي.ماڻھن ۾ مختلف قسم جون بيماريون پيدا ٿينديون.ماڻھو هڪ ٻئي کي چوندا ته تون غليظ آھين.تو ۾ بيماري آھي.هاڻي جيڪڏھن ماڻھو هزار ڀيرا صابڻ يا ٻيون دوائون استعمال ڪري پر  وقتي فائدي کانسواءِ ڪجهه به ٺيڪ نه ٿيندو.پر  جڏھن تلاءَ  ۾ صاف پاڻي استعمال ڪيو ويندو ته سمورا مسئلا حل ٿيندا.ان ريت اسان جي نظام جو به ان غليظ تلاءِ  جهڙو آھي.جيستائين غليظ پاڻي ۽ بدبودار انگريزن جا قانون اسان جي نظام ۾ ھوندا .انهن جي سببب کان سمورو ماحول خراب ٿيندو.ڇوت ماحول قانونن ۽ اصولن سان ٺھن ٿا.اڄ اسان جي نوجوانن کي ان لحاظ کان سوچڻ کپي ته ڇا اسان آزاد آھدون؟

اڄ تامين اسان جي نوجوانن پنهنجي ملڪ وقوم کي انهن بدبودار 22 خاندانن ۽ آءِ ايم.ايف جهڙي انسانيت دشمن وياجي نظام.کان آزادي ڏيارڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آھي.؟

نه صرف اهو بلڪ اڄ جيڪڏھن اسان پنهنجي ملڪ ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي ڏسون ٿا ته ظلم .بربريت.وحشيت.دوکو.نفرت جا بازار گرم آھن.اسان جي ملڪ جي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت انهن انگريزي نسل جي 22 خاندانن وٽ آھي. جن هن پنهنجو پاڻ کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ  اھو انگريز وارو غلامي وارو نظام اسان جي مٿان زبردستي مڙھي رکيو آھي..افسوس ته اڄ اسان 22ڪروڙ عوام ان ننڍڙي دجالي ٽولي جو مقابلو نٿا ڪري سگهون.جن اسان کي فرقن ۽ نفرتن ۾ ورهائي ڇڏيو آھي.۽ انهيءَ بهاني سان اسان تي حڪومت ڪري رهيا آھن ۽ اسان خاموش تماشائي بڻيا انهن جي ظلمن ستمن.بربريت وحشيت جو شڪار ٿي رهيا آھيون.۽ ڪنڌ جهڪايون انهن جي غلامي کي ڇاتي سان لايون پيا آھيون .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.