6 ڪلاڪن ۾ 24 آنا لاهيندڙ ڪُڪڙ!

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ڪُڪڙ 6 ڪلاڪن ۾ 24 آنا لاهي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رياست ڪيرالا جي ڳوٺ ۾ هڪ ڪڪڙ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، ڇاڪاڻ ته ان آچر جي ڏينهن 6 ڪلاڪن دوران 24 آنا لاهڻ کانپوءِ پولٽري ماهرن سوڌو سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

جانور پاليندڙ ڌرين ۾ ڪڪڙ جي ايتري وقت ۾ 24 آنا لاهڻ تي گھڻو بحث ڪيو پيو وڃي ۽ ان کي هڪ ڪارنامو قرار ڏنو پيو وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب هيءَ ڪڪڙ V380 هائبرڊ نسل جي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آچر جي صبح ڪڪڙ جي مالڪ بيجو ڪمار ان کي منڊڪائيندي ڏٺو، جنهن کانپوءِ هن ڪڪڙ جي ٽنگن تي تيل هنيو هو پر ڪجهه دير کانپوءِ ئي ان آنا لاهڻ شروع ڪري ڇڏيا.

ڀارتي ميڊيا موجب ڪڪڙ پاران ايتري انگ ۾ انڊا ڏيڻ جي خبر ڳوٺ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ مقامي ماڻهن بيجو جي گھر کي گھيري ڇڏيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 8 مهينن جي هيءَ ڪڪڙ انهن 23 ڪڪڙين مان هڪ آهي، جن کي بيجو ۽ سندس گھر واري 7 مهينا اڳ بينڪ قرض جي مدد سان خريد ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.