”مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس عمران خان جو گفٽ آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو زوير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مونس الاهي ڪيس تي ڪاوڙ جو اظهار نه ڪري، هي عمران خان جو گفٽ آهي، جيڪو شوگر انڪوائري جي نتيجي ۾ سامهون آيو.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جي دور ۾ مونس الاهي جي گرفتاري جو فيصلو ٿيو هو، هي انڪوائري انهن جي دور ۾ پوري ٿي هئي.

هن چيو ته اسان پوئين حڪومت ۾ تيار فائل تي ڪارروائي شروع ڪئي، هي سموري انڪوائري عمران خان ان خلاف مڪمل ڪرائي فائل رکيو هو.

سندس چوڻ هو ته ان وقت مونس الاهي جي گرفتاري جو به فيصلو ٿيو هو، مونس الاهي اها ڳالهه پرويز الاهي جي موجودگي ۾ پاڻ ٻڌائي هئي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته مونس الاهي کي نوٽيس جاري ڪنداسين، جيڪڏهن هي پئسا ان جا آهن ته ثابت ڪري، ان کي نوٽيس ناهي مليو ته ملي ويندو.

هن جو اهو به چوڻ هو ته مونس الاهي هڪ نجي ڪمپني ٺاهي، جنهن سمورا شيئر خريد ڪيا، ان کي عزت واري طريقي سان ويهاري ڪاغذ ڏيکاريا ويندا.

گھرو وزير چيو ته هن ڪيس ۾ ٻن ماڻهن نواز ڀٽي ۽ مظهر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هي غير قانوني طريقي سان حاصل ڪيل پئسا آهي.

ياد رهي ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

ايف آءِ اي لاهور  مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو آهي، مونس الاهي خلاف داخل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته هن خلاف مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪارروائي جي شروعات ٻه سال اڳ ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.