گھوٽڪي مان گيس جا نوان ذخيرا هٿ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گھوٽڪي ضلعي مان گيس جا نوان ذخيرا هٿ ٿيا آهن.

آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ (او جي ڊي سي ايل) ترجمان موجب گڊو بلاڪ جي عمير سائوٿ ايسٽ ون کوهه جي 790 ميٽرن تائين کوٽائي ڪئي وئي ۽ شروعاتي نتيجن موجب 1.063 ملين مڪعب ڪيوبڪ فٽ روز گيس هٿ ٿي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته نئين دريافت سان ملڪي توانائي جي ذخيرن ۾ ذڪر جوڳي واڌ ٿيندي ۽ ملڪي ناڻي جي مٽاسٽا ۾ ذڪر جوڳي بچت ٿيندي.

ترجمان ٻڌايو ته نئين دريافت سان گيس جون ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ روز 10 لک 6 هزار مڪعب فٽ گيس ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.