حيدرآباد: سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻن پاران حقن لاءِ سنڌ ليفٽ الائنس قائم

سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي اڳواڻن هارين، پورهيتن، شاگردن، عورتن ۽ وچولي طبقي جي حقن لاءِ 6 نقطن تي سنڌ ليفٽ الائنس قائم ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان حيدرآباد پريس ڪانفرنس ۾ سنڌ ليفٽ الائنس جي اڳواڻ ضياءِ ، مسرور شاهه، ايسر داس، تاج مري ۽ ٻين سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.

اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ ساڄي ڌر ڪڏهن مذهب جي نالي ته ڪڏهن پاڪستاني قومپرستي جي نالي ۾ ملڪ ۾ گهڻ قومي بيهڪ کان انڪاري رهي آهي، جنهن ڪري قومي جبر ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جي بازار گرم آهي.

هنن چي چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي، ون يونٽ جي دور جيان سرمائيدارن جي ساٿ ۾ جاگيردارن کي جمهوريت جو ويس پارائي عام توڙي لوڪل پارٽيز کي چونڊن ۾ عوام مٿان مڙهيو وڃي ٿو.

اڳواڻن چيو ته نالي ماتر وفاق 74 ورهين کان سنڌ جي پاڻي تي ڊيمن ۽ لنڪ ڪئنالن ذريعي ڌاڙو هڻي رهيا آهن، سنڌ جا شهر ۽ ٻهراڙيون پيئڻ جي پاڻي جو کوٽ جو کي منهن ڏئي رهيا آهن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي اهڙي صورتحال کي ڏسندي کاٻي ڌر 6 جمهوري نقطن تي سنڌ جي 9 پارٽين توڙي تنظيمن گڏجي هڪ ڊگهي جدوجد جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.