پاڪ-آمريڪا ٻطرفي ڀائيواري کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهن: آمريڪي سفير

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ٻطرفي ڀائيواري کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهن، خواهش آهي سگهارا اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌن ۽ مرڪزي سطح تي پهچن.

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم 14 کان 15 جون تائين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جو دورو ڪري واپاري سربراهن، سيڙپڪارن، آمريڪي پاڪستان بزنس ڪائونسل، توانائي ۽ ٽيڪسٽائيل شعبن جي عملدارن سوڌو بزنس رپورٽرز سان پڻ ملاقاتون ڪيون.

دوري دوران هُن پاڪستان کي توانائي جي فراهمي وڌائڻ لاءِ آمريڪي حڪومت، آمريڪي ڪمپنين ۽ اُنهن جي مقامي ڀائيوارن جي خدمتن بابت توانائي شعبي جي سربراهن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اُن کانسواءِ آمريڪي سفير پاران ٽيڪسٽائيل ۽ ڪپڙي جي صنعتڪارن سان ملاقاتن دوران آمريڪا ۽ پاڪستان جي گھڻن شعبن ۾ واپار جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

دوري دوران آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته “انيڪ صلاحيتن ۽ گوناگونيت سان ڀرپور ڪراچي جو دورو ڪرڻ تي گهڻي خوشي ٿي، خواهش آهي ته اهڙن دورن جو سلسلو جاري رهي جيئن آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڀائيواري کي وڌائڻ جا موقعا ملن.

هن چوڻ هو ته هي دورو پاڪستان سان مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ امريڪا جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو.

ڊونلڊ بلوم جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ٻطرفي ڀائيواري کي 75 سال پورا ٿيڻ جي خوشي ملهائي رهيا آهن، خواهش آهي سگهارا اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌن ۽ مرڪزي سطح تي پهچن.

ڊونلڊ بلوم آمريڪا ۽ پاڪستان جي مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال مستقبل لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ عوامي سطح تي لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ورجايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.