ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي، وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب ماٿري جي ضلعي شوپيان ۾ سرچ آپريشن جي آڙ ۾ قابض ڀارتي فوج گهر گهر تلاشي دوران ٻن ڪشميري نوجوانن کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو.

سرچ آپريشن دوران سڄي علائقي جي اچ وڃ وارن رستن کي بند ڪيو ويو هو جڏهن ته انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪئي وئي هئي، جارحيت پسند ڀارتي فوج عورتن ۽ ٻارن کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو.

قابض ڀارتي فوج بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪندي نوجوانن جا مڙهه پونئرن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.