مٿي ۾ جُونئن سبب 9 ورهين جي ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي!

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي مٿي ۾ جونئن سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺي، جڏهن ته ان جي ماءُ ۽ ناني کي غفلت جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب عدالتي دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه مهينا اڳ آمريڪي رياست ايريزونا ۾ هڪ گهر ۾ ڊاڪٽرن کي گهرائڻ کانپوءِ 9 ورهين جي ٻارڙي مئل حالت ۾ ملي، جڏهن ته ان جي منهن تي جونئن جو وڏو انگ موجود هو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽرن طرفان معائنو ڪرڻ تي خبر پئي ته ٻارڙي جي وارن ۾ تمام گهڻيون جُونئون موجود آهن.

رپورٽن موجب ٻارڙي جي موت کانپوءِ 38 ورهين جي ماءُ سينڊرا ڪرائيڪووچ ۽ 64 ورهين جي ناني الزڀت کي شروعاتي طور ٻارڙي سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انهن تي فرسٽ ڊگري قتل جو الزام به لڳايو ويو آهي.

پوليس جي انٽرويو ۾ سينڊرا مبينا طور تي چيو ته ان جي ڌيءَ رت جي کوٽ جو شڪار هئي، جڏهن ته ان کي 15 مارچ تي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي هئي، بخار، مٿي ۾ سور، ڳلي ۾ سوڄ جي علامتن سان گڏ ان کي توازن برقرار رکڻ ۾ به ڏکيائي ٿي رهي هئي.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ٻارڙي جو موت جونئن جي انفيڪشن سان ٿيندڙ رت جي کوٽ سان ٿيو ۽ ان جي جسم ۾ عذائيت جي به کوٽ هئي.

متاثر ٻارڙي جي ڀائرن ۽ ڀينرن مان هڪ پوليس کي ٻڌايو ته ماءُ مائوٿ برش ذريعي جونئن جو علاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

ميڊيا رپورٽن موجب ماءُ جي موبائل ۾ ٽيڪسٽ ميسيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته علامتون ظاهر ٿيڻ باوجود هن ٻارڙي جو ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته سينڊرا 14 ۽ 15 مارچ تي بواءِ فرينڊ کي پيغام موڪليا ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته ان جي ڌيءَ کي اسپتال وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي، سينڊرا کي بواءِ فرينڊ به چيو ته ٻارڙي کي اسپتال وٺي وڃ پر هن مبينا طور ائين نه ڪيو.

ان کانسواءِ ٻارڙي جي ناني کي به خبر هئي ته هوءَ سخت بيمار آهي.

پوليس موجب سينڊرا اعتراف ڪيو آهي ته ان جي لاپرواهي سان ٻارڙي جو موت ٿيو، جيڪڏهن ڌيءَ جو علاج ڪرايان ها ته شايد هوءَ جيئري هجي ها.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.