ايڊوبي فوٽو شاپ ۾ تصويرن کي آن لائين ايڊٽ ڪرڻ جي ”مفت “ سهولت موجود

فوٽو شاپ تائين وڌيڪ ماڻهن جي پهچ لاءِ ايڊو بي پنهنجي مشهور فوٽو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر جو ويب ورجن پيش ڪري رهيو آهي جيڪو مفت استعمال ڪري سگهبو.

هن مفت ويب سروس کي سڀ کان پهريان ڪئناڊا ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن کي هوريان هوريان دنيا جي مختلف حصن ۾ پڻ واهپيدار استعمال ڪري سگهندا.

ڪمپني ترجمان ان ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته فوٽو شاپ جو مفت ورجن تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سافٽ ويئر جا سمورا ايڊيٽنگ فيچرز موجود هوندا،

پر ترجمان واضح ڪندي چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ڪجهه فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ پيڊ سبسڪرائبشن جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.

فوٽو شاپ جي هن ورجن ۾ اهي سمورا ٽولز مفت موجود هوندا جيڪي بنيادي ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري آهن.

هي ايڊوبي جي فوٽو شاپ جي اڳوڻي ويب ورج جي ڀيٽ ۾ نمايان بهتري آهي جنهن ۾ ايڊيٽنگ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٽولز موجود نه هئا جڏهن ته ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ سروس سبسڪرائپ ڪرڻي پوندي هئي.

هاڻي مفت ويب ورجن کي استعمال ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي هڪ ايڊوبي اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت هوندي جيڪو مفت ئي هوندو.

في الحال اهو واضح ناهي ته ڪئناڊا کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ فوٽو شاپ جو مفت ويب ورجن ڪيستائين موجود هوندو.

پر ڪمپني جو چوڻ آهي ته هن ويب ورجن کي وڌيڪ ٽولز سان اپ ڊيٽ ڪيو ويندو جڏهن ته ان لاءِ موبائيل سپورٽ جو واڌرو پڻ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.