ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو جاري آهي ۽ پاڪستاني رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر هڪ رپيو 30 پئسا واڌ سان 206 رپيا 46 پئسا ٿي ويو، اها انٽر بئنڪ ۾ دالر جي بلند ترين قيمت آهي.
ان کانسواءِ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 208 رپيا آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ اڄ هڪ رپيو 50 پئسا واڌ ٿي.