اوهان به هن شو جو حصو بڻجي ڪروڙين رپيا ڪمائي سگهو ٿا

اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس اوهان کي ٻارن جي ڪجهه گيمز ذريعي 94 ڪروڙ رُپيا ڪمائڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

ان لاءِ اوهان کي رڳو ان سروس جي مشهور سيريز اسڪوئيڊ گيم تي ٻڌل هڪ ريئلٽي شو جو حصو بڻجي ٻين 455 فردن کي شڪست ڏيڻي پوندي.

نيٽ فلڪس سڄي دنيا مان 456 ڄڻن کي پنهنجي نئين رئيلٽي شو اسڪوئيڊ گيم دي چيلنج جو حصو بڻجڻ لاءِ دعوت ڏني آهي.

اهي ماڻهو هر 10 قسطن جي شو ۾ هڪ سان کان مختلف گيمز ۾ مقابلو ڪندا جن مان ڪجهه اصل سيريز کان متاثر هونديون پر ڪجهه نيون گيمز پڻ ان شو جو حصو هونديون .

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سيريز جيان هن رئيلٽي شو ۾ ڪو به فرد نه مرندو پر 45 لک 60 هزار ڊالرز جو انعام رڳو هڪ اميدوار کي ئي ملندو .

هن شو ۾ سڄي دنيا مان ڪو به شامل ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ کيس انگريزي ٻولي تي دسترس هئڻ ضروري آهي جڏهن ته شو جي عڪسبندي برطانيا ۾ ٿيندي.

ڪمپني طرفان اهو ناهي ٻڌايو ويو ته هي رئيلٽي شو ڪڏهن ريليز ڪيو ويندو پر ان جي ڪاسٽنگ سائٽ کان اشارو مليو آهي ته 2023ع جي شروعات ۾ اميدوارن کي چئن هفتن تائين شو جو حصو بڻجڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.