آمريڪي صدر ايندڙ مهيني سعودي عرب جو دورو ڪندو

آمريڪي صدر جو بائيڊن جي سعودي عرب جي دوري جو باظابطا اعلان ٿي ويو آهي ۽ سعودي اختيارين به دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

سعودي اختيارين طرفان ڪيل پڌرائي موجب آمريڪي صدر 15 کان 16 جولاءِ تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو، آمريڪي صدر کي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان دوري جي دعوت ڏني آهي.

سعودي ميڊيا موجب اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ آمريڪي صدر ڀيرو ڀيرو سعودي عرب جو دورو ڪندو، صدر بائيڊن شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو.

وائٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن وچ اوڀر جو دورو اسرائيل کان شروع ڪندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.