چين جي خلائي مخلوق سان رابطي جي دعويٰ

چين جي سائنسدانن ٻڌايو آهي ٽيلي اسڪوپ امڪاني طور تي ڪنهن خلائي مخلوق جا سگنلز پڪڙيا آهن.

بيجنگ نارمل يونيورسٽي جي محققن امڪاني طور تي زمين کان ٻاهر موجود ڪنهن ايلين تهذيب ۽ ٽيڪنالوجي جي شڪي سگنلز کي دريافت ڪيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي 500 ميٽر دنيا جي سڀ کان طاقتور ريڊيو ٽيلي اسڪوپ فاسٽ اهي سگنل پڪڙيا آهن.

رپورٽ موجب چين جي خلائي مخلوق جي ڳولا جي حوالي سان شهرت رکندڙ هڪ ماهر زينگ ٽونگ جو چوڻ آهي ته هي سگنل ماضي جي سگنلز کان مختلف آهن.

پر هن وڌيڪ چيو ته هي نوان سگنلز ٿي سگهي ٿو ته رڳو ريڊيو لهرن ۾ مداخلت جا هجن، پر ان جي تصديق لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو جنهن ۾ وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.