بجيٽ 23-2022: ماسترياڻين، ليڊي هيلٿ ۽ پوليو ورڪز کي اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ناڻي واري وزير اويس لغاري سال 23-2022 جي صوبائي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن جو ڪاٿو 32 کرب 26 ارب رپيا آهي.

اويس لغاري ٻڌايو ته روڊن ۽ پلن لاءِ 80 ارب 73 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، چولستان ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ 84 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته ماسترياڻين، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ پوليو ورڪرز کي اسڪوٽيز به ڏنيون وينديون، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزارن مان وڌائي 25 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.