سائرا بانو دليپ ڪمار جو ايوارڊ وصول ڪندي روئي ويٺي

اڳوڻي ڀارتي اداڪارا سائرا بانو پنهنجي مڙس ۽ عظيم اداڪار دليپ ڪمار کي ڀارتي حڪومت طرفان ڏنل اعليٰ سول ايوارڊ وصول ڪندي جذباتي ٿي وئي.

ممبئي ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ سائرا بانو ڀارت رتن ڊاڪٽر امبيڊڪر ايوارڊ وصول ڪيو.ايوارڊ وصول ڪندڙ سائرا بانو جذباتي ٿيندي روئي ويٺي.

ان موقعي تي سائرا بانو جو چوڻ هو ته دليپ صاحب ڀارت جو ڪوههِ نور هو ۽ ڪوههِ نور جو حق هو ته کيس اهو ايوارڊ ڏنو وڃي.

سائرا بانو چيو ته دليپ صاحب هاڻي به اتي ئي آهي، هو منهنجي يادن ۾ ناهي پر مونکي يقين آهي ته هو هر وک تي مون سان گڏ آهي جنهن ڪري مان زنده آهيان، سوچي به نٿي سگهان ته هو موٽ ناهي، هو مون وٽ آهي ۽ سدائين منهنجو سهارو بڻجي رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.