رنبير ڪپور ڪرن جوهر جي شو ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪرن جوهر پنهنجي مشهور ٽي وي پروگرام ” ڪافي ود ڪَرن “ سان ٻيهر جلوا ڏيکارڻ لاءِ تيار آهي، پر بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور کيس پهريان منع ڪري ڇڏيو آهي ته کيس پروگرام ۾ نه گهرايو وڃي.

ڪرن جوهر مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رنبير ڪپور چيو آهي ته کيس پروگرام ۾ اچڻ تي ڪيئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پاڻ سان ائين نه ڪرڻ گهرجي، مهرباني ڪري مونکي ان شو ۾ نه گهرايو وڃي.

واضح رهي ته رنبير ڪپور هڪ بيان ۾ چيو هو ته ڪرن اسان ذريعي پئسو ٺاهي رهيو آهي، اسان هتي هڪ دفعو ايندا آهيون پوءِ سڄو سال پروگرام ۾ ڪيل ڳالهين سبب اسان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي.

پروگرام جي مشهوري جو سبب اهو آهي ته اڪثر فلمي شخصيتون انتهائي حيرت جوڳا انڪشاف ۽ انوکن خيالن جو اظهار ڪنديون آهن جيڪي پوءِ ميڊيا جي زينت بڻجي ويندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.