پرويز الاهي جي صدارت هيٺ پنجاب اسميبلي جو اجلاس، گورنر جي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ منظور

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ن ليگ جي صوبائي گھرو وزير عطا تارڙ خلاف اختيارن واري رٿ گڏيل طور منظور ڪري ورتي.

پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي صدارت هيٺ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اسيمبلي ميمبر ڊاڪـٽر ياسمين راشد ايوان ۾ صوبائي گھرو وزير عطا تارڙ خلاف اختيارن واري رٿ جمع ڪرائي.

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته عطا تارڙ بجيٽ جي ڏينهن جنهن قسم جا نازيبا اشارا ڪيا، اهي عورتن لاءِ قبولڻ جوڳا ناهن، اڻ چونڊيل ميمبر ڪنهن صورت ايوان ۾ نٿو اچي سگھي، هن بيهودا اشارا ڪري عورتن جي توهين ڪئي.

اسيمبلي ميمبر مومنه وحيد چيو ته عطا تارڙ فحش اشارن ذريعي ايوان جو تقدس پائمال ڪيو، ايوان ۾ اهڙي قانونسازي ٿيڻ گھرجي جو ٻيهر هو هيڏانهن جو رخ نه ڪري سگھي.

پنجاب اسيمبلي حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس خلاف ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو، اسيمبلي جي خودمختياري ختم ڪرڻ واري آرڊيننس خلاف ٺهراءُ راجا بشارت پيش ڪيو، پرويز الاهي چيو ته اڄ آرڊيننس ذريعي جيڪو ڪچرو اڇلايو ويو، اسيمبلي ان خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي.

ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.