نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ عورتن جي هڪ گروهه پيزا ڊليوري لاءِ ويندڙ ڇوڪريءَ کي رستي ۾ تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اندور جي دوارڪاپوري علائقي ۾ چئن عورت جي هڪ گروهه پيزا ڊليوري (ڊومينوز) جي ڇوڪريءَ کي سرعام لٺين ۽ ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هن وڏين ڪوششن ڀڄي جان بچائي.
ملازم ڇوڪري جي سڃاڻپ نندني يادو طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
A young woman was mercilessly thrashed, grabbed by the hair in full public view by a group of women in Indore. The video of the incident shows four women beating up the victim, a pizza chain employee, using sticks and fists, for allegedly staring at them @ndtv @ndtvindia pic.twitter.com/R6l2epYLpJ
— Anurag Dwary (@Anurag_Dwary) June 13, 2022
پوليس واقعي جو نوٽيس وٺندي عورتن جي گروهه خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ جاچ جي دائري کي به وڌايو ويو آهي.
واضح رهي ته افسوسناڪ واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ڊومينو جي ملازمه ڪم تي وڃي رهي هئي ته چئن عورتن کيس رستي ۾ روڪيو ۽ ساڻس بدتميزي شروع ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ڳالهه وڌي تشدد تي پهچي وئي.